راڳ جي راڻيءَ جو وڇوڙو: شوبز ۽ ٻين شخصيتن پاران خراج عقيدت

0
193

ڪراچي (م ڊ) ڀارت جي ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر 92 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي بيماري کانپوءِ هميشه لاءِ هي دنيا ڇڏي هلي وئي، لتا جي لاڏاڻي تي شوبز انڊسٽري ۾ سوڳ ڇانيل آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جا ڪيترائي فنڪار ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو راڳ جي راڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن

بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آواز جي بلبل لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي آواز جو جادو جڳائيندڙ لتا منگيشڪر ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجي موسيقيءَ جو معشوق بڻايو

هن چيو ته لتا منگيشڪر برصغير ​​۾ موسيقيءَ جي هڪ سڃاڻپ هئي، فلم انڊسٽري لاءِ سندس خدمتون ناقابل فراموش آهن

هن چيو ته لتا منگيشڪر جا گيت، هن جا راڳ ۽ هن جا سُر ڪڏهن به فراموش نٿا ٿي سگهن، لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي سڄي دنيا ۾ سندس مداحن لاءِ وڏو صدمو آهي

نريندر مودي

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ٽوئيٽر تي لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي ٽويٽ ڪندي چيو ته ، تمام گهڻو ڏکار آهيان، ڇو ته اسان جي لتا دي دي اسان کي ڇڏي وئي آهي، هو اسان جي قوم ۾ هڪ خلا ڇڏي وئي جنهن کي ڀرجي نٿو سگهجي

هن چيو ته ايندڙ نسلون کيس ڀارتي ثقافت جي هڪ باوقار شخصيت جي طور تي ياد رکنديون، جنهن جي سريلي آواز ۾ ماڻهن کي محسو ڪرڻ جي بي مثال صلاحيت هئي

فواد چوڌري

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي پيغام چيو ته ” لتا منگيشڪر جو وڇوڙو موسيقي جو هڪ عهد جو خاتمو آهي“ لتا جي ڏهاڪن تائين سرن جي دنيا تي حڪومت ڪئي ۽ ان جي آواز جو جادو رهندي دنيا تائين رهندو

فواد چوڌري چيو ته جتي جتي اردو ٻولي سمجهي ۽ ڳالهائي ويندي آهي اتي لتا منگيشڪر کي الوداع ڪرڻ وارن جو هجوم آهي

راڳ جي راڻي، آواز جي جادوگر ۽ بلبل جي نالي سان سڏي ويندڙ لتا منگيشڪر هميشه لاءِ وڇڙي وئي

عثمان بزدار

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار به ڳائڻي لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي سان فن ۽ موسيقيءَ جي هڪ دور جو خاتمو ٿي ويو، لتا منگيشڪر جي ڳائڻ ۾ ڪو به مَٽ نه هو

اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز پليجو پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو ته لتا منگيشڪر اسان جو آواز هئي، پاڪستان ۾ به سندس ديهانت تي ڏک جي لهر ڇانيل آهي

اڪشي ڪمار

اداڪار اڪشي ڪمار لتا جي موت تي هن جي گاني جا ٻول لکيا، ”منهنجو آواز منهنجي سڃاڻپ آهي تو کي ياد هجي“، ان موقعي تي اداڪار چيو ته لتا جي سريلي آواز کي ڪيئن وساري سگهون ٿا، لتا جي موت جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، سندس وفات تي مان سندس خاندان سان تعزيت ڪريان ٿو

انو شڪا شرما

اداڪاره انوشڪا شرما پڻ ڳائڻي جي هڪ پراڻي تصوير شيئر ڪئي ۽ سندس گهروارن سان تعزيت جو اظهار ڪندي لکيو ته اڄ ڀارت لاءِ افسوسناڪ ڏينهن آهي، ڇو ته ملڪ جي بلبل هن دنيا کي ڇڏي هلي وئي، هو پنهنجي آواز ۾ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي

فنڪار اي آر رحمان

ميوزڪ ڪمپوزر ۽ ڳائڻي اي آر رحمان لتا منگيشڪر سان گڏ پنهنجي پراڻي تصوير شيئر ڪندي چيو ته هي هڪ اهڙو خلا آهي جيڪو هميشه اسان سان گڏ رهندو، لتا جي جاءِ ٻيو ڪو به نه وٺي سگهندو

هيما مالني

اداڪاره هيما مالني چيو آهي ته هوءَ خوش قسمت آهي، هن لتا منگيشڪر جي هٽ گيتن تي پرفارم ڪيو

انيل ڪپور

مشهور اداڪار انيل ڪپور چيو ته لتا جي موت جي خبر ٻڌي دل ڏک ٿي وئي آهي، هوءَ اسان جي دلين ۾ هڪ اهڙي جاءِ رکي ٿي جو ڪڏهن به ڪير نٿو وٺي سگهي،  لتا جي پنهنجي موسيقي ذريعي اسان جي زندگين کي ڪيترو گهڻو اثر وڌو آهي

بشريٰ انصاري

بشرا انصاري لتا منگيشڪر جي اعزاز ۾ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ پڻ شيئر ڪئي ۽ سندس گاني ”يه دل تم بن لگتا نهي هم ڪيا ڪرين“ جا ٻول لکيا

بشرا انصاري اهو به لکيو ته توهان سان ملڻ جي خواهش ئي رهجي وئي لتا جي

ڌرميندر

ليجنڊ ڀارتي اداڪار ڌرميندر پنهنجي ۽ لتا منگيشڪر جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سڄي دنيا غمگين آهي، يقين نٿو اچي ته توهان اسان کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏي ويا آهيو

واضح رهي ته 1929 ۾ پيدا ٿيندڙ 92 ورهين جي لتا کي 9 جنوري تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ داخل ڪيو ويو هو جتي هو هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي وئي

 

ھي به پڙھندا

راڳ جي راڻي، آواز جي جادوگر ۽ بلبل جي نالي سان سڏي ويندڙ لتا منگيشڪر هميشه لاءِ وڇڙي وئي