لاڙڪاڻو: مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 17 ڄڻا بيهوش، اسپتال منتقل

0
220
لاڙڪاڻو: مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 17 ڄڻا بيهوش، اسپتال منتقل
لاڙڪاڻو: مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 17 ڄڻا بيهوش، اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو (ن پ ا) رتوديرو شهر جي شاهه لطيف ڪالوني ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي بيهوش ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

متاثرن ۾ 28 سالا محب علي عارباڻي، 25 سالا صدام حسين، 15 سالا غلام الله، 14 سالا فرحانه، 11 سالا شاهينه، 7 عبدالستار، 5 امجد علي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سندن وارثن چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو

مريضن جي وارث ثناءُ الله عارباڻي ٻڌايو گذريل رات اسان شهر جي بن خليل بيڪري مان چڪن تڪا وٺي گهر ڀاتين کي کارايو جيڪو کائڻ سبب منهنجا 12 گهر ڀاتي بيهوش ٿي پيا

هوڏانهن قمبر جي علائقي باگو ديرو ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب 3 ٻارن ۽ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن ۾  12 سالا وقاص، 9 سالا رخسار ۽ 12 سالا ڪامران گوپانگ شامل آهن

متاثرن کي بيھوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال آندو ويو، بيھوش ٿيلن جي وارث سعيد گوپانگ ٻڌايو ته گذريل خميس ڏينهن اسان جا ٻارڙا لاڙڪاڻي دوا وٺڻ لاءِ ويا جتان واپسي تي هنن بن خليل بيڪري تان برگر ۽ رول وٺي کاڌا جنهن بعد انهن جي حالت خراب ٿيڻ تي قمبر ۾ ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرايو جن جواب ڏنو جنهن ڪري کين چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو آهي