اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، آصف زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ پرويز الاهي کانسواءِ ڪافي آپشن آهن، عمران اليڪشن کان اڳ نااهل يا گرفتار ٿي سگهي ٿو، اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو سٺو فيصلو ڪيو آهي، جنرل باجوا مون سان مشاورت نه ڪئي، هو شينهن جي کل آهي، ان جي مرضي آنا ڏئي يا ٻچا ڄڻي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته عمران خان حڪومت پنهنجي بار تي ڪري رهي هئي پر اسان بي اعتمادي رٿ ان ڪري آندي جو وزيراعظم جي سوچ سياسي نه هئي، هو جيڪو ڪرڻ وڃي پيو، ان کان کيس روڪي ورتو، جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪري وجهي ها ته ملڪ ۾ عوام لاءِ رهڻ مشڪل ٿي وڃي ها، باقي اليڪشن ته ٿيندي رهندي آهي.اينڪر سوال ڪيو ته عمران اهڙو ڇا ڪرڻ وارو هو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته ڪجهه اهڙيون شيون آهن، جن تي آئون نه ٿو ڳالهائڻ چاهيان، ٻڌايو ته ڪافي دوستن جون دليون ٽٽنديون، اسان دليون کٽڻ وارا آهيون.هن چيو ته جمهوريت جي ماءُ برطانيا 3 سالن ۾ 5 وزيراعظم تبديل ڪري چڪو آهي، جمهوريت ۾ جيترا مسئلا ايندا آهن، اوتري جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي، مونکي ته ڪنهن نه چيو هو ته پنهنجا صدارتي اختيار منتقل ڪري ڇڏيو ڇڏيو، ارڙهين ترميم آڻيو، اها منهنجي پنهنجي سوچ هئي، اپوزيشن جو به اهڙو ڪو مطالبو نه هو، ارڙهين ترميم پاڪستان کي جوڙڻ جي ڳالهه آهي، بلوچ اسان کان الڳ ٿيڻ گهرن ٿا، ڪافي عنصر آهن، جيڪي وڙهڻ چاهين ٿا، سرحد عدم تحفظ جو شڪار آهي، اسان سمورن کي ملائي ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا.پرڏيهه فرار ٿيڻ واري عمران خان جي بيانيي بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته اسان کي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي، خدا نه ڪري اهڙو وقت اچي جو اسان کي ٻاهر وڃڻو پوي، جيڪڏهن اسان جي ٻارن کي ٻاهر وڃڻو هجي ها ته اهي پرڏيهه مان اچن ڇو ها، بلاول ۽ ٻين ٻارن کي ماءُ جي تڪليفن جي به خبر آهي، مونکي ڪنهن کان خوف ناهي، ڌرتي سان پيار آهي.آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪردار بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري ۾ منهنجو ڪو ڪردار نه هو، موجوده آرمي چيف کي آئون سڃاڻان ئي نه ٿو، پنجاب مان آئون صرف جنرل عامر کي ذاتي طور سڃاڻيندو هيس، ڇاڪاڻ هو منهنجو ملٽري سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ اهو ميرٽ تي ڇهين نمبر تي هو، اداري جي فيصلي سان نئون آرمي چيف مقرر ٿيو آهي، ڇاڪاڻ موجوده آرمي چيف سينيئر ترين آفيسر آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته جنرل عامر آرمي چيف ٿئي پر ڪجهه نه ڪري سگهيس، ڇاڪاڻ ميرٽ ۾ گهڻو پوئتي هو، جيڪڏهن ٻئي نمبر تي به هجي ها ته آئون ڪجهه ڪريان ها.اينڪر سوال ڪيو ته ڇا جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ بابت اوهان سان رابطو ڪيو ويو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته جنرل باجوا مونکي مدي ۾ واڌ بابت ڪڏهن نه چيو، وزيراعظم کي چيو هوندو ته چيو هوندو، اسان ته فقير ماڻهو آهيون، اسان کي ڪير ڇا چوندو. آرمي چيف جي مقرري تي وزيراعظم کي واضح چيو ته هي مقرري اوهان جو آئيني اختيار آهي، اسان سڀ اوهان جا اتحادي آهيون ۽ اوهان کي مڪمل اختيار ڏيون ٿا،  وزيراعظم به شريف ماڻهو آهي، هن گهرائي اسان سان مشاورت ڪئي، جيڪڏهن پاڻ مقرري ڪرائي ڇڏي ها ته اسان ڇا ڪريون ها؟ ان کي ڇڏي ته نه پئي سگهياسين، ساٿ هلڻ بعد نقصان پهچائڻ وارو ڪم آئون ناهيان ڪندو، چاهي ڪيترا به نظرياتي اختلاف ڇو نه هجن، ڇاڪاڻ اسان جو نعرو آهي، پاڪستان کپي.آمريڪي سائفر بابت آصف زرداري چيو ته سائفر سميت سمورا بيانيه ٻارڙاڻيون ڳالهيون آهن، هي هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو لوڏي آمريڪين جي بيڊ بوڪ ۾ هميشه لاءِ ڇو ٿو اچڻ چاهي، هي بيڊ بوڪ ۾ وڃي يا نه وڃي، پاڪستان کي ڇو ٿو بيڊ بوڪ ۾ آڻڻ چاهي، اسان ڪنهن جي بيڊ بوڪ ۾ نه ٿا رهڻ چاهيون، سڄي دنيا سان برابري جي سطح تي لاڳاپا چاهيون ٿا، منهنجي دور ۾ ڇا ڇا نه ٿيو، اسان ته مقابلو ڪيو.اينڪر سوال ڪيو ته جيڪا باجوا ڊاڪٽرين ٿي، اوهان متفق هئا، اوهان جنرل باجوا جي دور کي ڪيئن ٿا ڏسو، جنهن تي اڳوڻي صدر چيو ته باجوا ڊاڪٽرين ۾ ڪجهه ڳالهيون صحيح هيون، ڪجهه غلط به هيون، ان ويهي اسان سان ڪڏهن مشاورت نه ڪئي، هو ڪڏهن پارليامينٽرين کي گهرائي وٺندو هو، ڪڏهن ڪنهن کي گهرائيندو هو، هن مونکي ذاتي طور ڪڏهن به گهرائي مشاورت نه ڪئي، جڏهن ته هر شئي ۾ سڌاري جي ضرورت آهي.اينڪر چيو ته مطلب جنرل باجوا جي اوهان سان نه لڳندي هئي؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته هو شينهن جي کل هئي، شينهن جي کل واري جي مرضي آهي، آنا ڏئي يا ٻچا ڄڻي، اينڪر چيو ته مطلب اسان اهو سمجهون ته زرداري صاحب تسليم ڪري ورتو ته جنرل باجوا شينهن هو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته مون شينهن نه شينهن جي کل چئي آهي.هڪ سوال تي هن چيو ته جنرل ڪياني صرف ڳالهيون ڪندو هو ته سياست ۾ اسانجو تعلق ناهي پر موجوده صورتحال م آئون سمجهان ٿو ته جمهوريت ايترو وڌي وئي آهي، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا اهڙي مضبوط پوزيشن ٺاهي ورتي آهي جو  اسان به ڊڄندا آهيون، ڇاڪاڻ سياستدانن کي جواب ڏيڻو پوندو آهي.عمران خان جي مقبوليت بابت آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن 2 مهينا لڳائي، پاڻ کي گوليون لڳرائي 25 هزار ماڻهو ڪڍي ته ڪهڙي مقبوليت آهي، ڪراچي ۾ عمران ايم ڪيو ايم خلاف کٽيو، منهنجي خلاف بيٺو ته هارائي ويو، هر جڳهه تي اسان سندس مقابلو ڪري سگهون ٿا، پنجاب ۾ پيپلزپارٽي وٽ عمران خان جي مقابلي جيترا اميدوار آهن، ها اسان 30 سالن کان پنجاب ۾ پاور ۾ ناهيون آيا، ان ڪري ڪمزوريون ضرور آهن پر نظرثاني ڪري انهن کي ختم ڪنداسين، ميانوالي ۾ نواب آف ڪالاباغ عمران خان جو مقابلو ڪندو، نواب اسان کي جوائن ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ مون سان مقابلو ڪندو ته ڪندس. توشا خانه جي تحفن جي وڪري بابت آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن عمران خان گهڙي وڪرو ڪئي آهي ته اهو پاڻمرادو ڪيس ٺهي ٿو، اسان ڪڏهن نه ٻڌو ته ڪنهن تحفا کپايا هجن، مون رقم جمع ڪرائي گاڏي کنئي هئي، 25 سالن بعد سپريم ڪورٽ مان هفتو اڳ هڪ ڪيس ختم ٿيو آهي، جنهن ۾ مونکي سزا به اچي چڪي آهي، اسان تي به جيڪڏهن ڪيس ٺهي ته ڀلي ٿئي پر اجايو ڪيس نه ٿيڻ گهرجي، احتساب هر دور ۾ ٿيو آهي ۽ هاڻ به ٿيندو رهندو، جيڪڏهن احتساب ٿيڻو آهي ته نيب ڪندو، اسان نه ڪنداسين.ڪرپشن جي الزامن بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته اها ڪالهه ڳالهه ناهي، راجا صاحب تي پنڊي ۾ 8 ڪيس آهن پوءِ به اليڪشن کٽي آيو، مون تي ڪيترا ڪيس آهن پر سوا لک ووٽ کڻي کٽيندو آهيان، عوام مونکي چاهي ٿو، هي مونکي روڪڻ وارا ڪير ٿيندا آهن.هڪ سوال تي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته اليڪشن کان اڳ عمران خان گرفتار به ٿي سگهي ۽ نااهل به ٿي سگهي ٿو.مهانگائي بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته جڏهن آئون صدر ٿيس ته ايڪسپورٽ 9 بلين هئي، مون پنهنجي دور ۾ 19 بلين تائين ايڪسپورٽ آندي، جيڪڏهن اليڪشن صحيح ٿين ها ۽ ٻيهر موقعو ملي ها ته 30 بلين تائين ايڪسپورٽ پهچائڻ مسئلو ئي نه هو، مهانگائي کان واقف آهيان، ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري 12 هزار ۾ وٺندو آهيان، هڪ زماني ۾ اها 1800 جي هئي، مون سان گڏ هاري تي به بار پوندو آهي، يوريا جي به ساڳي قيمت آهي، اسانجا به خرچ وڌيا آهن پر بٽڻ دٻائڻ سان مهانگائي ختم نه ٿيندي، آئوٽ آف باڪس سوچڻو پوندو، دوست ملڪن سان ڳالهائڻو پوندو.آصف زرداري چيو ته آئون 6 مهينن کان چئي رهيو هيس ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪريو، ڪالهه هن ايڪسپورٽ شروع ڪئي آهي، اتحادي حڪومت ۾ ڪافي اختلاف ٿيندا آهن، اليڪشن کٽڻ يا هارائڻ معنيٰ نٿي رکي، سوال اهو آهي ته معيشت کي هميشه لاءِ ڪيئن ٺيڪ ڪرڻو آهي، هڪ ڏينهن يا مدي لاءِ ٺيڪ ناهي ڪرڻو، انشاءُ الله اسان ڪنداسين.پنجاب ۾ تبديلي بابت آصف زرداري چيو ته پنجاب ۾ تبديلي اچڻ گهرجي، مون وٽ ميمبرز آهن، نمبر وڌائي به سگهان ٿو پر ڏسون ٿا ڇا ٿئي ٿو. اينڪر سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي چوائس پرويز الاهي هوندو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته پرويز الاهي سان ڇا ڳالهائينداسين، ٻيون گهڻيون چوائسز آهن، پرويز الاهي سان ناراضگي ناهي، ويڇا پيدا ٿيندا آهن، هن پاڻ نااميد ڪيو ته هاڻ ڏسنداسين، وقت کان اڳ چونڊون جمهوريت لاءِ بهتر ناهن پر جيڪڏهن عمران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙيون ته پوءِ اليڪشن ٿي ويندي، پوءِ ڏسون ته هي ايم پي ايز ڪيترا ٺاهي ٿو؟. آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن عمران اسيمبليون ٽوڙيندو ته اسان اليڪشن وڙهنداسين، جيڪڏهن نه ٽوڙيندو ته اسان اپوزيشن ڪندا رهنداسين، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ بي اعتمادي رٿ آڻينداسين، ڪي پي ۾ اسانجون سيٽون آهن، ڪجهه دوست آهن، انهن کي واپس آڻڻو آهي، ڪو اهڙو طريقو ڪنداسين جو انهن کي استعيفائون به نه ڏيڻيون پون، اسيمبليون به هلن ۽ حڪومت به هلي. ميمبر خريدڻ جي الزام تي اڳوڻي صدر آصف چيو ته مون ڪڏهن به ميمبر خريد نه ڪيا آهن، ميمبرن سان ايندڙ اليڪشن ۾ سپورٽ ڪرڻ، گڏ هلڻ جون ڳالهيون ٿينديون آهن، پيسا ڏئي اسيمبليون ناهن ٽوڙيون وينديون، منهنجون ڪهڙيون ملون هلن ٿيون ته ماڻهو خريد ڪندس، مونکي ميمبر خريدڻ جي به ضرورت نه پوندي آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته ادارن غيرسياسي رهڻ جو سٺو فيصلو ڪيو آهي، مونکي نٿو لڳي ته اسٽيبلشمينٽ ايئن ڪندي، ڇاڪاڻ هنن چيو آهي اسٽيبلشميٽ سياست کان ٻاهر رهندي، آئون ان تي کين ساراهيان ٿو ۽ آئون سمجهان ٿو ته هي ان تي قائم رهندا، ڀارت سان واپار بابت اڳوڻي صدر  چيو ته ڀارت ٻيو موضوع آهي، هو آمريڪين کي به ويزا ناهن ڏيندا، ڪشمير ته ائين کائي ويا آهن، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي ناهي، تازو ڀارت جي هڪ وزيراعليٰ بيان ڏنو ته اسان هاڻ ڪمشيري ڇوڪرين سان شادي ڪري سگهون ٿا، ايتري ننڍي سوچ وارا آهن، آئون سمجهان ٿو ته هن وقت ڀارت سان واپار جي ڳالهه ٺهي نه ٿي.آصف زرداري چيو ته اميد آهي ته معيشت جي خراب صورتحال مان نڪري اينداسين، ڏيوالو ٿيڻ جي خطري کان پريشاني ناهي، اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ بلين ڊالر جي ته کنڊ پئي آهي، جيڪڏهن اها ايڪسپورٽ ڪئي ته ان جي بُڪنگ فوري طور ٿيندي ۽ ڊالرز جي صورت ۾ پيسا انهي وقت اچي ويندا، مون وزيراعظم کي صلاح ڏني آهي، ان شايد وزير سان شيئر ڪيو هوندو.ايندڙ اليڪشن ۾ حڪمران اتحاد جي مستقبل بابت سوال تي هن چيو ته ان وقت ڏسي وٺنداسين، ملتان جي مختلف اليڪشن هئي، آئون مفاهمت جو بادشاهه نه پر فقير آهيان، عمران سان ڳالهين بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته ڪنهن سان ڳالهين لاءِ انسان کي پهرين پنهنجو ڪردار ٺيڪ ڪرڻو پوندو، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو ڀوڪندو رهي ۽ ٻيو اچي ڳالهائي، پهرين ڀونڪڻ بند ڪريو پوءِ ڳالهايو، عمران خان اليڪشن تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيو ته شهبازشريف حڪومت ۾ آهي، اهو ڳالهيون ڪندو.ملڪ جي امن امان صورتحال تي هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ خطرو آهي، 2018ع واري اليڪشن کان اڳ به ٽي ٽي پي جي اها ئي پوزيشن هئي ته جيڪڏهن پ پ کي ووٽ ڏيندو ته ان کي ڏسي وٺنداسين ۽ بي بي حملي ۾ شهيد ٿي وئي.صدر عارف علوي خلاف مواخذو آڻڻ بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته صدر وٽ اختيار ته ناهن، ان کان ڇا وٺڻ وينداسين، صدر خلاف مواخذي جو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، حڪومت سندس خلاف ڪوبه ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.