ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسيمبليون ٽٽڻ کان نه بچائي سگهاسين ته اليڪشن ڪرائينداسين، وفاق ۽ صوبن جي اليڪشن الڳ الڳ پهرين به ڪڏهن ناهن ٿيون، هاڻ اهو تجربو به ڪري ڏسنداسين، اسان عمران خان کي انگيج ڪرڻ کان ناهيون گهٻرائيندا. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته 2، 4 مهينا پهرين يا بعد ۾ اليڪشن ٿئي ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي، عمران خان چئي رهيو آهي ته شرطن کانسواءِ ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، عمران خان شرطن بدران مطالبا پيش ڪري ته ڳالهه اڳتي وڌندي، ڪيئن ممڪن آهي ته پنجاب اسيمبلي ٽٽي وئي ته سنڌ به مجبور ٿيندي، سنڌ اسمبلي کي ٽوڙڻ تي مجبور ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟