اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوششون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نوان صوبا ٺاهڻ بابت آئيني ترميمي بلن جي جائزي ۽ انهن بلن بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ 7 رڪني خصوصي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پ پ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير خورشيد شاهه کي ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، نواز ليگ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، متحده سان تعلق رکندڙ ايم اين اي صابر قائمخاني، بلوچستان عوامي پارٽي جو پارلياماني ليڊر خالد مگسي، پي ٽي آءِ جا ٻه باغي ميمبر نذهت پٺاڻ، رميش ڪمار، اقليتي ميمبر نويد عامر، ڪاميٽي ۾ ميمبر هوندا. ڪاميٽي لاءِ 2 نقاطي ٽي او آرز به جاري ڪيا ويا آهن، ڪاميٽي ملڪ اندر نوان صوبا قائم ڪرڻ لاءِ رميش ڪمار وڪواڻي سوڌو ان حوالي سان ٻين ميمبرن جي آئين جي آرٽيڪل 25 بي، 51، 63 بي، 62 ۽ آئين جي آرٽڪيل 106 ۾ ترميمن بابت رپورٽ ڪاميٽي پيش ڪندي، نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي 30 ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي پابندي هوندي، اهڙو بل رميش ڪمار پاران آندو ويو هو.