ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 4 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، گذريل ڏينهن ڪاروباري ڏينهن ختم ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 48 هزار 211 پوائنٽس تي بند ٿي ، 100 انڊيڪس جي سطح گذريل ڏينهن 118 پوائنٽس وڌي وئي. 26 ارب ماليت جي 86 ڪروڙ شيئرز جو سودو ٿيو. پاڪستاني شيئرز بازار جي ڪيپٽلائيزيشن گذريل ڏينهن 26 ارب رپين جي واڌ سان 8359 اربن تي پهتي.