ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي رهي ۽ سيڙپڪارن جا 45 ارب رپيا ٻڏي ويا، ڪالهه شيئرز جي خريداري جي ڀيٽ ۾ وڪري جو رجحان وڌيڪ رهيو. ڪاروبار جي خاتمي تي مارڪيٽ ۾ 299 پوائنٽن جي گهٽتائي ٿي ۽ 100 انڊيڪس 45 هزار 682 پوائنٽن تي بند ٿيو. ٻاڙائي سبب سيڙپڪارن جا 45 ارب رپيا ٻڏي ويا. تجزياڪارن موجب ڪورونا جي ڪري ڪاروبار ۾ گهٽثائي ٿي رهي آهي ۽ سيڙپڪار پيسا سيڙائڻ کان لنوائي رهيا آهن.