اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم عيد رات قتل، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي، پوليس کي مليل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ناري جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي، جسم جي ڪيترن ئي حصن تي چاقو سان وار ڪيا ويا اهڙا نشان مليا آهن، گوڏن کان هيٺ جسم تي چاقو جا گهرا زخم آهن، اسلام آباد جي ايف سَيوِن فور واري علائقي ۾ 20 جولاءِ تي اڳوڻي سفير شوڪت مقدم جي ڌيءُ 28 ورهين جي نور مقدم کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، تيزڌار اوزار جي وار سبب سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وئي هئي، واقعي جو ڪيس جوابدار ظاهر جعفر خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو مقامي بزنس مين جو پٽ آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم پڻ واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ڏک جو اظهار به ڪيو آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل مقتولا جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ذاتي طور ڪيس کي ڏسي رهيو آهي پوليس ميرٽ تي ڪيس جي جاچ ڪندي. نور مقدم جي والد شوڪت پاران انصاف جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته جوابدار کي سزا ڏني وڃي، اهو پاڳل ناهي، هو ڪمپني جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. هوڏانهن آءِ جي اسلام آباد ڪيس ۾ جوابدار ظاهر جعفر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، آءِ جي پاران نور مقدم ڪيس جي جاچ ٽيم سان ملاقات ڪئي وئي ۽ جوابدار جو پرڏيهه ۾ ڏوهاري رڪارڊ ڄاڻڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطي جو حڪم پڻ ڏنو آءِ جي قاضي جميل چيو ته ڪيس کي ثبوتن جي روشني ۾ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي. جاچ ٽيم جي سربراهه ايس ايس پي عطاءُالرحمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ظاهر جعفر کي جڏهن واقعي واري هنڌان گرفتار ڪيو ويو ته سندس ذهني حالت ٺيڪ هئي ۽ پوري طرح هوش هواس ۾ هو، ماضي ۾ ممڪن آهي ته جوابدار جي ذهني صحت جو ڪو مسئلو هجي پر گرفتاري وقت ذهڻي حالت ٺيڪ هئي،