اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد ۾ افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءُ مبينا طور اغوا ۽ تشدد واري واقعي جي جاچ شروع، ٽيڪسي ڊرائيورجي ڳولا ڪئي پئي وڃي.سوشل ميڊيا تي واقعي بابت ڄاڻايو ويو ته افغان سفير نجيب الله جي ڌيءُ 26 ورهين جي سلسله علي کي اسلام آباد جناح سپرمارڪيٽ کان ٻن پهرن جو ڏيڍ وڳي اغوا ڪيو ويو ۽ شام جي وقت 7 وڳي زخمي حالت ۾ بليو ايريا ۾ کيس اڇلايو ويو، پمز اسپتال ۾ هن جو طبي معائنو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته گذريل ڏينهن افغان سفارتخاني اطلاع ڏنو ته افغان سفير جي ڌيءُ تي ڪار ۾ سوار ٿيندي حملو ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع تي فوري طور اسلام آباد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي عملدار سفير سان رابطي ۾ آهن، ان سان سهڪار ڪيو پيو وڃي، ترجمان چيو ته جوابدارن جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جڏهن ته افغان سفير ۽ گهرڀاتين جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، ان قسم جا واقعا ناقابل برداشت آهن. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان گهرو وزير کي 48 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. گهرو وزير شيخ رشيد نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته افغان سفير جي ڌي پاڻ ٽيڪسي ڪرائي، گذريل ڏينهن جو واقعو آهي، افغان سفير جي ڌي جي لکت واري بيان تي ڪارروائي ڪئي ويندي، اڃا هن لکت ۾ بيان ناهي ڏنو، هن چيو ته افغان سفير جي ڌي جي بيان مطابق پهرين ٽيڪسي ۾ هن تي تشدد ٿيو، ٻئي ٽيڪسي ڊرائيور سندس مدد ڪئي، ٽيڪسي ڊرائيور کي افغان سفير جي ڌي 500 رپيا انعام به ڏنو، هن چيو ته اسان آفيسرن کي موڪليو آهي، جاچ ڪري رهيا آهن، واقعي جو في الحال ڪوبه رُخ نه آهي، ڇوڪري وٽ موبائل فون به نه هو، پهريان چيو ته فون تي ٽيڪسي بڪ ڪرائي بعد ۾ پتو پيو ته فون گهر هئي، ٻئي ٽيڪسي واري کي ٽريس ڪيو آهي پهرين ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، سفير جي ڌيءُ موجب ٽيڪسي ڊرائيور ايمبسي ڪارڊ به کڻي ويو.