اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا واري معاملي تي پيپلزپارٽي گهرو وزير جي استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انتهائي محفوظ شهر ۾ اهڙو واقعو قابل مذمت آهي، سفارتي عملي ۽ گهرڀاتين جو تحفظ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي. پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا وارو معاملو انتهائي حساس آهي، معاملي جي جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن، هن چيو ته اغوا حڪومتي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، سفيرن جون نياڻيون محفوظ ناهن ته عام ماڻهو ڪيئن محفوظ هوندو، اغوا معاملي تي سڄي دنيا کلي رهي آهي، گهرو وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.