اسلام آباد پوليس عمران خان کي چئن مختلف ڪيسز ۾ جاچ لاءِ گهرائي ورتو

0
197

اسلام آباد پوليس عمران خان کي چئن مختلف ڪيسز ۾ جاچ لاءِ گهرائي ورتو آهي

 پوليس عمران خان کي 10 ۽ 11 مئي تي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ طلبيءَ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 153 ۾ عمران خان پيش ٿئي، کيس ڪيس نمبر 154 ۾ 10 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي

سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 3 ۾ عمران خان کي 11 مئي ۽ گولڙا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 143 ۾ به 11 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پوليس لائن هيڊڪوارٽر ۾ جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا