عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي نيب ۾ طلبي غيرقانوني قرار

0
146

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي نيب ۾ طلبي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس بابر ستار  توشا خانه  نيب جاچ  جي ڪيس ۾ طلبيءَ تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي  جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو

عدالت نيب طلبي جي نوٽيس خلاف ٻنهي درخواستن کي اڪلائيندي طلبي وارن نوٽيسز کي قانون جي خلاف قرار  ڏنو

عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن کي اڪلائيندي چيو ته نيب جي ڪال اپ نوٽيسز جي ڪا حيثيت ناهي

نيب توشا خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي طلب ڪيو هو، جنهن تي ٻنهي طلبي جي نوٽيسز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو