اسلام آباد مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو لاڙڪاڻي مان بازياب

0
378

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اسلام آباد مان اغوا ٿيل پنجن سالن جو معصوم ٻارڙو لاڙڪاڻي مان بازياب ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي غلام عباس ولد ذاڪر علي شاهه کي وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او مارڪيٽ جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙي کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو، سندس اغوا ۾ نئون ديرو جو مظهر جيهو ملوث هو، جنهن کي ايف آئي اي وارا کڻي ويا آهن.