ڳڙھي تيغو ۾ شھيد اھلڪارن ۽ فوٽو گرافر جي تدفين، ڪچي ۾ آپريشن

0
752

ڪنڌڪوٽ/شڪارپور (نمائندن وٽان) ڳڙهي تيغو ۾ اَي پي سي تي حملي دوران شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن ۽ فوٽو گرافر جي تدفين، گذريل ڏينهن مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران اهلڪار منور جتوئي، ڊرائيور عبدالخالق سولنگي ۽ فوٽو گرافر حسيب شيخ شهيد ٿيا هئا، اهلڪار عبدالخالق سولنگي نوشهرو فيروز، منور جتوئي ۽ فوٽوگرافر حسيب شيخ جا مڙهه شڪارپور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جَي ايس ايس پيز جِي اڳواڻي ۾ پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن شروع، ايس ايس پيز جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي ۽ ڌاڙيلن جَي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.