ڪراچي (رپورٽ : دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ مسجد اقصيٰ تي حملي ۽ غزه ۾ معصوم فلسطينين کي شهيد ڪرڻ خلاف قرارداد منظور، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ۽ او آئي سي اسرائيل جي بربريت خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اسرائيل پاران فلسطين ۾ مسجد اقصيٰ تي حملي ۽ غزه ۾ فلسطيني مسلمانن کي بيگناهه شهيد ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، ساڳيو ٺهراءَ پي ٽي آءِ ايم پي اي رابعه اظفر نظامي، متحدہ جي منگلا شرما، جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ۽ ٻين پارٽين جي ميمبرن به پيش ڪيو، جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، قرارداد تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گڏيل قومن جو ادارو ۽ او آءِ سي اسرائيل جي بربريت خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن، آئون چٽو چوان ٿو ته اسرائيل دهشتگرد رياست آهي، مسجد اقصيٰ تي اڳ ٿيل واقعي تي سڄي دنيا گڏ ٿي هئي پر هينئر سڀ خاموش آهن، اسلامي ملڪن ۾ اها قيادت نه رهي آهي جيڪا اهو معاملو اٿاري. هن چيو ته شھيد ڀٽو لاهور ۾ ڪانفرنس گهرائي، بينظير ڀٽو ياسر عرفات سان ملڻ وئي، بينظير اسرائيل کي پيغام ڏنو ته هو ان کي نه ٿي مڃي، شهيد ڀٽو ۽ بينظير هجن ها ته صورتحال ٻي هجي ها. هن چيو ته دنيا ۾ دهشتگرد رياست صرف اسرائيل آهي، مسجد اقصي جا لائوڊ اسپيڪر بند ڪيا ويا، احتجاج ڪيو ويو ته روڪيو ويو، پهرين رمضان کان ظلم جاري آهي، جنگبندي ٿي آهي سٺي ڳالھه آھي. هن چيو ته مسلمان ملڪ ورهايل آهن، شھيد ڀٽو کي ڦاهي ڏئي وئي ۽ بي نظير ڀٽو کي دهشتگردن هٿان شهيد ڪرايو ويو، ليڊر شپ هجي ها ته فلسطين ۾ ائين نه ٿئي ها، اسان جي ڪجهه عرب ملڪن اسرائيل سان ڊپلوميٽڪ (سفارتي) رابطا قائم ڪري ورتا آهن، هن چيو ته اسرائيل دنيا جو وڏو دهشتگرد آهي، 13 اپريل تي مسجد اقصيٰ جي لائوڊ اسپيڪرن جا ڪنيشن ڪاٽيا ويا ته جيئن اذان نه اچي سگهي، فلسطينين جي گهرن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته آخري جمعي تي مسجد اقصيٰ تي حملو ڪيو ويو، هينئر تائين 235 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 65 ننڍا ٻار شامل آهن، پاڪستان کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان اهو نه ڪري سگهيا آهيون، انهي مسئلي تي سمورا مسلمان ورهايل آهن، ان ڪري اسرائيل بربريت ڪري رهيو آهي، اسان وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسرائيل جي دهشتگردي خلاف اثرائتو موقف رکيو وڃي، ڪشمير ۾ به هندستاني دهشتگردي خلاف اهڙو ئي موقف رکڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته ڪورونا وانگر مڪس سگنلز ڏيڻ بجاءِ دنيا آڏو چٽو موقف رکڻ گهرجي. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي رابعه اظفر نظامي چيو ته پاڪستان کي سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جي ڊي اي جي ايم ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته اسان سڀني کي فلسطينين سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، پاڪستان ان معاملي تي خاموش ٿي ويهي نٿو سگهي، گڏيل قومن جو ادارو آخر ڪهڙي مقصد لاءِ آهي؟ فوري طور تي جنگبندي ڪرائي وڃي، پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه چيو آهي ته فلسطين ۾ روز لاش ملن ٿا، روزانو جنازا پڙهايا وڃن ٿا، ايڏي ناانصافي تي عالمي ميڊيا خاموش آهي ايم ڪيو ايم ايم پي اي منگلا شرما چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو رڳو ڪجهه ملڪن جو ايجنٽ بڻيل رهندو يا پنهنجو عملي ڪردار به ادا ڪندو. صوبائي وزير شهلا رضا، پ پ ايم پي ايز شرميلا فاروقي ۽ ڄام شبير چيو ته اسرائيل پاران فلسطين تي بمباري انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل چيو ته دنيا جا هڪ ارب مسلمان فلسطين جو مسئلو حل نه ڪري سگهيا آهن. پي ٽي آءِ فردوس شميم نقوي چيو ته مسلمانن ۾ شعور اچي پيو، اسان هٿيارن سان نه پر سوشل ميڊيا ذريعي اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ سميت مختلف طريقن سان جواب ڏينداسين. سيد عبدالرشيد چيو ته 1968 کانپوءِ ڏيڍ ڪروڙ يهودين کي دنيا مان آڻي اسرائيل هتي گڏ ڪيو ويو، مفتي محمد قاسم چيو ته حڪومت جھاد جو اعلان ڪري، فلسطين پيادل وڃي مدد ڪرڻي پوندي، جهاد ذريعي دشمن کي شڪست ڏينداسين، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته افسوس ته مسلمان ملڪن اسرائيل کي مڃيو، انهن جي رويي تي به افسوس آهي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس بل پيش ڪيو، جيڪو ٽن ڏينهن لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. اجلاس ۾ دعا جي وقفي دوران متحده ايم پي اي منگلا شرما، رعنا انصار ۽ پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه پاران صوبائي وزير هري رام ڪشوري جي صحتيابي لاءِ دعا گهرائي وئي. پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو پاران ناليواري محقق حاڪم علي شاهه بخاري ۽ ڪامريڊ علي محمد جمالي جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا گهرائي وئي، مختلف ميمبرن پاران بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا گهرائي وئي. جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي پاران ڪنڌ ڪوٽ ۾ چاچڙ برادري جي مارجي ويل9 ماڻهن لاءِ مغفرت جي دعا گهرائي وئي