والاريل القدس (م ڊ) اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جنگبندي 12 ڪلاڪ به نه هلي سگهي، صهيوني فورسز مسجد اقصيٰ ۾ جنگبندي جو جشن ملهائيندڙ فلسطينين تي ڪڙڪي پئي، اهلڪار مسجد ۾ داخل ٿي ويا ۽ شيلنگ ڪري ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، حماس جنگبندي کي پنهنجي فتح ۽ اسرائيل جي شڪست قرار ڏنو آهي جڏهن ته رام الله، غزه، خان يونس ۽ ٻين علائقن ۾ جشن ملهايو ويو، غزه ۾ زندگي معمول تي اچي وئي، ماڻهو پنهنجي تباهه ٿيل گهرن تائين پهچي ويا. مليل اطلاعن موجب گذريل رات دير سان مقامي وقت موجب 2.00 وڳي جنگبندي شروع ٿي جنهن کان اڌ ڪلاڪ اڳ حماس اسرائيل جي فوجي گاڏي تي راڪيٽ حملو ڪيو ان جي جواب ۾ اسرائيلي فوج به بمباري ڪئي پر ان ۾ جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. جنگبندي شروع ٿيندي ئي فلسطين جي علائقي رام الله ۾ فلسطينين جشن ملهايو جڏهن ته القدس ۽ غزه ۾ ماڻهو خاموش رهيا، رام الله ۾ هزارين ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ جشن ملهائيندا رهيا ۽ هنن ان جنگبندي کي حماس جي ڪاميابي قرار ڏنو. ٻئي طرف اسرائيل ۽ حماس ٻنهي هڪ ئي بيان جاري ڪيو ته اسان مصر جي ڪوششن سان ٿيندڙ غيرمشروط جنگبندي تي عمل ڪنداسين ۽ هاڻ جنگ نه ٿيندي پر جنگبندي جا وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا. ان بعد ٻنهي طرفن کان امن رهيو ۽ 11 ڏينهن بعد پهرين رات حملا نه ٿيا. اومان، لبنان، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ به فلسطينين جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. حماس جنگبندي کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ هزارين فلسطيني مسجد اقصيٰ پهتا. هو جنگبندي جو جشن ملهائي رهيا هئا ته اسرائيلي پوليس ۽ ٻين فورسز مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري ڏنو ۽ نمازين تي شيلنگ ڪئي. اهلڪار مسجد ۾ داخل ٿي ويا ۽ قبته صخره ۽ مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿي شيلنگ ڪئي ۽ رٻڙ جون گوليون فائر ڪيون. فورسز جي حملي ۾ ڪيترائي نمازي زخمي ٿي پيا. پوليس ٻارن ۽ عورتن تي به تشدد ڪيو. ڪجهه ماڻهن جي گرفتاري جا به اطلاع آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي.