غزه (م ڊ) اسرائيل جي فلسطينين تي حملن ۽ 230 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت واري غم جي موسم ۾ حملن ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين لاءِ خوشي جي خبر آئي آهي، بي گهر فلسطينين لاءِ هڪ اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ ٻارڙو پيدا ٿيو آهي. ڪيمپ ۾ رهندڙ اعظم السفدي جي گهرواري انصام پٽ کي جنم ڏنو جنهن جو نالو محمد الديف اعظم السفدي رکيو ويو آهي. اعظم کي هڪ نياڻي جو اولاد اڳ ئي آهي. محمد کي ناني ۽ ڏاڏي غسل ڏنو. اعظم بي گهر ٿيڻ بعد پريشان آهي ته هاڻ سندس خاندان ڪٿي رهندو؟ ڇاڪاڻ ته گهر تباهه ٿي چڪو آهي ۽ وٽن رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي بچي.