اسرائيلي جارحيت خلاف سنڌ سوڌو پوري ملڪ ۾ ريليون، مظاھرا

0
339

ڪراچي (نمائندن وٽان) فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف يومِ فلسطين تي پاڪستاني قوم هڪ آواز، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ريليون، مظاهرا ۽ اجتماع، فلسطينين سان ٻڌي جو اظهار، اپوزيشن اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءُ گڏيل قومن جي اسلام آباد واري آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ کان گڏيل قومن جي آفيس تائين پيادل مارچ، سينيٽ چيئرمين قافلي جي صورت ۾ فلسطيني سفارتخاني پهتو: ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، بدين، ٺٽو، سجاول، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا، سنڌ اسيمبلي ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور، وڏي وزير مراد علي شاهه فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو..