حيدرآباد:ڪارنهن الزام ۾ ناري کي قتل ڪندڙ مڙس، سهري ۽ ڏير کي عمر قيد جي سزا

0
365

حيدرآباد: ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڪارنهن الزام هيٺ ناري کي قتل ڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي مڙس, سهري ۽ ڏير کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد احسان خان دراني جي عدالت جوابدار عبدالشڪور سهتو,سندس والد عبدالفتاح سهتو ۽ ڀاءُ عبدالقيوم سهتو کي سزا سان گڏ 2,2 لک رپيا وارثن کي خون بها ۾ ڏنڊ طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جوابدارن کي ناري جو لاش لڪائڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 3,3 سال قيد ۽ 30,30 هزار رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو, ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6,6 مهينا وڌيڪ جيل ڀوڳيندا. جوابدارن خلاف مقتول حفيظان جي ڀاءُ نورالحق رند 18 مئي 2015ع دوران بلديا ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته ڳوٺ محمد بخش شورو ۾ سندس ڀيڻ کي مڙس, سهري ۽ ڏير تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد گهر ۾ ٺهيل پاڻي جي ٽانڪي لاش لڪائي ڇڏيو هو