دادو : ڪيٽي جتوئي ۾ قتل ڪيل فتح محمد لنجار جي وارثن ذوالفقار ، ديدار لنجار ۽ عورتن دانهيو آهي ته سندن 200 ، ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين تي عبدالجبار لنجار ، علي گل لنجار ، علي شير چانڊيو ، ڏاڏو ، محمد خان چانڊيو وارن قبضو ڪيو آهي ، زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن ، اسان 4 کان 5 ڀيرا پ پ ايم پي اي ضياء الدين لنجار وٽ دانهن کڻي وياسين پر هن فيصلو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، هنن دانهيو ته ضياء الدين لنجار جي اسان جي مخالفن مدد حاصل آهي ، نتيجي مٿين جوابدارن فتح محمد کي قتل ڪيو آهي ، مقتول جون وارث عورتون ۽ بيواھ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏينديون رهيون