دادو / ڦلجي اسٽيشن/ مورو(نمائندن وٽان) ڪيٽي جتوئي ۾ زمين جي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ننڊ ستل 50 ورهين جي پيرسن ڪمدار فتح محمد لنجار کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوء ڪيٽي جتوئي ، اسماعيل جا ڀاڻ ۽ جهلو پوليس حد بندي جو جواز ڄاڻائيندي قتل ڪيل فتح محمد جو پوسٽ ماٽم ڪرائڻ لاء ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،. جنهن ڪري مقتول جو لاش 12 ڪلاڪن تائين پيل رهيو ، ٽنهي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پاران ليٽر نه ڏيڻ تي مقتول جي وارثن مجبور ٿي لاش کڻي دادو ۾ ايس پي چوڪ وٽ دادو شهر جي مک چوراهي تي لاش رکي ٽائر سڙي ڌرڻو هنيو.  ذوالفقار لنجار ، ديدار لنجار ۽ خان لنجار جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت 2 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. قتل ڪيل فتح محمد جي وارثن دانهيو آهي ته قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي ايم پي اي ضياء الدين لنجار جي پٺڀرائي حاصل آهي، اهو ئي سبب آهي جو واقعي کي 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس پوسٽ ماٽم لاء ليٽر نه ٿي ڏئي ، مجبور ٿي اسان لاش رکي ڌرڻو هنيو آهي ، وارثن دانهيو ته فتح محمد ڇنڇر جي ڏينهن دادو مان پگهار وٺي ڪيٽي جتوئي بند کان هيٺ لٿو ته عبدالجبار لنجار ، علي گل لنجار ، علي شير چانڊيو ، محمد خان چانڊيو ۽ ٻين کيس اغوا ڪري کڻي ويا ۽ مٿس تشدد ڪرڻ کانپوء آچر ڏينهن شام جو گوليون هڻي قتل ڪري لاش چڻن جي فصل ۾ ڦٽو ڪيو ، ڊي ايس پي دادو عبدالخالق وڳڻ ڌرڻو هڻي ويٺلن سان ڳالهيون ڪري پوسٽ ماٽم ڪرائڻ لاء ليٽر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪيو ، بعد ۾ دادو اسپتال مان پوسٽ ماٽم ڪرائڻ کانپوء وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا آهن.