ڦلجي/ دادو : ڪيٽي جتوئي ۾ قتل ڪيل فتح جو ايس پي چوڪ تي لاش رکي وارثن پاران ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪرڻ دوران ڪجھ موٽر سائيڪل سوارن پاران زبردستي ٽپڻ جي ڪئي ته عورتون هٿن ۾ سروٽا کڻي بيهي رهيون ، ڌرڻو هڻي ويٺلن جون موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشا وارن سان جهڙپون ٿينديون رهيون. ٻئي پاسي  مقتول فتح محمد لنجار جي زال  مسمات ڦاپل جي فرياد تي ستن جوابدارن علي مراد لنجار،علي شير چانڊيو ،غفور لنجار ،علي گل لنجار ، علي گوھر عرف گولو لنجار ،برڪت لنجار ، حسين لنجار جي مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن.