ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) امڙين جي ڏهاڙي جي موقعي تي، گلوڪار ۽ ميوزڪ ڪمپوزر اذان سميع خان پنهنجي ايندڙ گانن مان ”ماءُ“ جي نالي هڪ گاني لاءِ آرٽ ورڪ پڌرو ڪيو آهي. آرٽ ورڪ ۾ سندس ماءُ اداڪاره زيبا بختيار سان لاڳاپيل مثالي شيون جن ۾ اڇي رنگ جي شاهڪار پوشاڪ، سندس وارن ۾ گل ۽ پس منظر ۾ ڪهڪشان جي عنصرن جي عڪاسي ٿيل آهي جيڪا ڪنهن فنڪار جي امڙ کي دِل کي ڇُهندڙ ڀيٽا خودساخته البم ”اذان دي البم“ جي تمام وڏي تصويري جهلڪ آهي. اذان سميع خان پنهنجي انسٽاگرام تي آرٽ ورڪ پوسٽ ڪندي ڪيپشن ۾ چيو آهي ته ”سوچيو هو ته البم لاءِ پهريون آرٽ ورڪ پڌرو ڪرڻ جو اهو بهترين طريقو هوندو“. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته البم ۾ ماءُ جي نالي سان هڪ گانو آهي هو نٿو سمجهي ته چوڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه آهي منهنجي لاءَ ماءُ منهنجي ”امڙ“ لاءِ آهي، تنهنڪري مونکي اميد آهي ته هڪ ڏينهن اهو اوهان لاءِ به هوندو رُڳو هڪ ڀيرو اچڻ ڏيو“. ”ماءُ“ جي نالي سان اهو گانو خان جي ايندڙ البم جو آهي، جيڪو هن سال رليز ٿيڻ وارو آهي.

 

گلوڪار پنهنجي ٻئي البم جي رڪارڊنگ واري عمل کان اسٽوڊيو اپڊيٽس پنهنجي سوشل ميڊيا تي باقاعدگي سان شيئر ڪري رهيو آهي. هيل تائين خان پروڊيوسر طلال قريشي سان گڏ ”من مرضي“ نالي سان هڪ ٽريڪ نادان دل جي تياري پڻ شيئر ڪئي آهي.