بدين(رپورٽ:شفيع جوڻيجو) نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمينگ آرٽس ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ پاران نامور ليکڪ آغا سليم جو تحرير ڪيل تاريخي اسٽيج ڊرامو دودو چنيسر بدين جي جيم خانه گرائونڊ تي پيش ڪيو ويو. سوين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو خصوصي شرڪت ڪئي. ڊراما ڊائريڪٽر ۽ سينئر اداڪار رفيق عيساڻي ۽ اداڪارن سان ملاقات ڪئي. ڊرامي جي اداڪارن ۾ رحيم ڪيهر، خالد حسين ڪليار، ڪشور جبين، عائشه مهڪ، رسول بخش چانڊيو، اسلم سيال، نور ميمڻ، فهميده سحر، جميل ميمڻ، عبدالستار جوکيو، امر سومرو، طالب حسين مغل، علي رضا سومرو ۽ رفيق عيساڻي شاندار پرفارمنس ذريعي خوب عوامي داد حاصل ڪيو. پروگرام ۾ شھرين پروفيسر عبدالله ملاح، لالا ھارون گوپانگ، شفيع محمد جوڻيجو، محمد خان سمون، پروفيسر طفيل چانڊيو، يونس بڪاري، غلام نبي ڪيريو، مير مرڪ واڍو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.