اداڪار عمر شريف جي ملڪيت تي پيدا ٿيل خانداني تڪرار وڌي ويو

0
455
اداڪار عمر شريف جي

ڪراچي: اداڪارعمر شريف جي ملڪيت تي پيدا ٿيل خانداني تڪرار وڌي ويو، عمر شريف جي ٽئين گهرواري کان فليٽ خريد ڪندڙ به سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.

عمر شريف، سندس گهرواري زرين غزل، سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته هُن عمر شريف جي ٽئين گهرواري زرين غزل کان ساڍا 4 ڪروڙ رُپين ۾ فليٽ ورتو.

زرين غزل عمر شريف جعلي گفٽ ڊيڊ تي فليٽ وڪرو ڪيو هو، عمر شريف طرفان عدالت سان رابطو ڪرڻ بعد ملڪيت جي منتقلي جو عمل رُڪجي ويو، عدالت ڌُرين کان 21 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو.