ماسڪو/لاس اينجلس(شوبز نيوز) آمريڪا ۽ روس وچ ۾ خلا ۾ پهرين فلم ٺاهڻ جو مقابلو شروع ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روسي ٽيم دي چيلينج جي شوٽنگ لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن رواني ٿي وئي آهي فلم ڪريو ۾ يوليا پيريسلڊ، ڪم شيپينڪو ۽ انٽن شڪيپلير وو شامل آهن، مشن جي ڪاميابي تي روس خلا ۾ فلم ٺاهيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويندو ٻئي طرف هالي ووڊ اداڪارا ٽام ڪروز به خلا ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.