اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب قانون ۾ ترميم جي نتيجي ۾ آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيسز نيب کي واپس موڪلي ڇڏيا، اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيسز جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جج محمد بشير ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو، ٻڌڻي دوران آصف زرداري جو وڪيل فاروق نائيڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽرز عدالت ۾ پيش ٿيا، فاروق نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم بعد هي ريفرنسز عدالت جي دائري اختيار ۾ نٿا اچن، احتساب عدالت ريفرنسز تي ٽرائل نٿي هلائي سگهي، عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، حسين لوائي ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس نيب کي واپس موڪلي ڇڏيو، منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس به نيب کي واپس اماڻيو ويو، بلال شيخ ۽ ٻين جوابدارن خلاف سنڌ بينڪ ريفرنس ۽ پنڪ ريزيڊنسي ريفرنس به نيب کي واپس اماڻيو ويو، عدالت 4 ريفرنسز نيب کي واپس موڪليا