ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان “بائپر جوائي” جو رخ پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي حدن ڏانهن ٿي ويو، ڪالهه تائين ڪراچي کان 1120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود طوفان ايندڙ ٻن ڏينهن اندر ڪراچي جي سامونڊي حدن تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو، ان حوالي سان موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان پنهنجو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي سرحدن سان ٽڪرائجي سگهي ٿو، جڏهن ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان رڳو سوا 11 سو ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي، اهو  120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، سامونڊي طوفان سبب ڪراچي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان پڻ آهي،  ٻئي طرف ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سامونڊي طوفان  مڪران طرف وڌي سگهي ٿو، انهي ڪري مهاڻا  سومر 12 جون کان کليل سمنڊ ۾ نه وڃن ، هن پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ بلوچستان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجن تيارين جو جائزو وٺن، سامونڊي پٽي ۾  رهندڙ ماڻهن جي حفاظت يقيني بڻائين، سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي پٽي ۾ 13 ۽ 14 جون جو طوفاني برساتن جو امڪان آهي، لاڳاپيل ادارا تياري ڪن.