ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾  غيرحاضر ميمبر  بحث جو موضوع بڻجي ويا، گوسڙو ميمبرن لاءِ ايوان ۾ دلچسپ جملن جو استعمال ڪيو ويو، سوالن جوابن جي وقفي دوران  پي ٽي آءِ ميمبر خرم شيرزمان، جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي سميت ٻين ميمبرن جي غيرحاضري تي پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته جهڙي ريت سوهانا شرما کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي غيرحاضر ميمبرن کي به پوليس جي ڪوششن سان بازياب ڪرايو وڃي، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اوهان ايوان مان اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته جيئن آئون آءِ جي کي هدايت ڪري سگهان  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان رولنگ ڏيو ته آئون کين بازياب ڪرايان.