راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ فاتح پڙهي ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب لاهور اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سلمان فياض غني آرمي چيف جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لاهور گيريزن انسٽيٽيوٽ فار اسپيشل ايجوڪيشن جو افتتاح ڪيو، آرمي چيف خاص ٻارن لاءِ  فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. آرمي چيف جديد ترين هاڪي ايرينا جو  پڻ افتتاح ڪيو ۽ هاڪي ليجنڊز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته نوجوانن کي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتن جي فراهمي ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لاهور ڪور ۽ پاڪستان رينجرز پنجاب جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻول ڪئي. آرمي چيف الوداعي خطاب ۾ قوم جي خدمت لاءِ فوجي جٿن جي فرض جي ادائيگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جا نوجوان اسان جو اثاثو آهن.