اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم حڪومت  سرڪاري ادارو هڪ  ڪاروباري شخصيت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ذريعن موجب حڪومت پاران ڪاروباري شخصيت زبير موتي والا کي ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي، جنهن جي وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي منطوري به ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او جي مقرري واپار وزارت جي سمري تي ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق زبير موتي والا جي مقرري اعزازي ڪئي وئي آهي، هو پگهار نه وٺندو، مقرري لاءِ اشتهار به نه ڏنو ويو، ياد رهي ته عارف احمد خان ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او جي عهدي تان استعيفا ڏني هئي جنهن بعد اهو عهدو خالي پيل هيو.