لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو،آئون  ميرٽ تي فوجي سربراهه آڻڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو. تحريڪ انصاف جو ٻيهر شروع ٿيل لانگ مارچ ڪالهه ٽئين ڏينهن لالا موسيٰ جي حدن مان شروع ٿي جي ٽي روڊ تان ٿيندي شهر اندر پهچي پڄاڻي ڪئي، اڄ کاريان کان لانگ مارچ شروع ٿيندو. لاهور مان وڊيو لنگ ذريعي لالا موسيٰ ۾ پي ٽي آءِ جي حقيقي آزادي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته لنڊن ۾ ويهي ملڪ جا فيصلا ڪيا پيا وڃن، ٻاهر ويٺل چورن جو ٽولو ملڪ جا اهم فيصلا ڪري رهيو آهي، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته روپوش شخص ملڪ جا فيصلا ڪري، سزا آيل شخص ۽ سندس پٽ احتساب کان ڀڄي ويا ڇاڪاڻ ٻاهر سندن ملڪيتون آهن. هن ڊيلي ميل ڪيس بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته شهباز شريف کي غلط فهمي ٿي ته برطانيا ۾ سندس مرضي موجود فيصلو ٿيندو، شهباز شريف تي ڊيلي ميل چوري جو سنگين الزام مڙهيو آهي، برطانوي عدالت هاڻ کائنس سوال ڪري رهي آهي، شهباز شريف نٿو ڄاڻي ته هن دفعي هو ڪٿي ڦاٿو آهي، عدالت کي جواب ڏيڻ شهبازشريف لاءِ چيلنج هوندو،عمران خان چيو ته حسن نواز 10 ارب رپين جي ملڪيت خريد ڪئي پر سوال ڪرڻ تي نٿو ٻڌائي ته پئسا ڪٿان آيا؟ اسحاق ڊار ملڪ مان ڀڄي ويو ۽ اين آر او ملڻ تي واپس آيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته تحفظ نه ملڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني وطن ۾ سيڙپڪاري نٿا ڪن، حڪمران چوري جو پئسو ملڪ کان ٻاهر انڪري موڪلين ٿا ته جيئن قوم انهن کان سوال نه ڪري سگهي، کين ملڪ ۾ پئسا آڻڻا هوندا آهن ته پاپڙن واري جو نالو استعمال ڪندا آهن. عمران خان چيو ته مون کي پنهنجي مرضي جا ماڻهو ناهن لڳائڻا، آئون ميرٽ تي مقرريون چاهيان ٿو، مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو، مون کي نه پنهنجو ڪو جج کپي، نه آءِ جي ۽ نه ئي نيب جو سربراهه، پر حيرت ٿئي ٿي ته ٻاهر ويٺل چور ملڪ جي اهم ترين مقرري جو فيصلو ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تي الزام مڙهيو ويو آهي ته مون اهم مقرري کي تڪراري ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو، اها مقرري به ميرٽ جي بنياد تي چاهيان ٿو، لنڊن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ٽن چئن ڏينهن کان پاڪستان جو وزيراعظم ۽ ٻيا ماڻهو لنڊن ۾ ويٺل آهن، نيشنل سيڪيورٽي جي سڀ کان اهم آرمي چيف جي مقرري آهي، جنهن جو فيصلو لنڊن ۾ ويهي ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان جو ايندڙ آرمي چيف ڪير بڻجي؟.عمران خان چيو ته آئون انهن کان پڇڻ چاهيان ٿو جيڪي هنن جا هينڊلرز آهن، ڇا انهن کي پاڪستان جو فڪر ناهي، ڇا انهن کي ان وقت به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو جڏهن چورن کي مڙهي رهيا هئا ته هي ملڪ سان ڇا ڪندا؟  جن 30 سال ملڪ کي لٽيو، ٻيهر انهن کي مڙهيو ويو.