ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت ڪيس ۾ سنڌ سرڪار ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽن جي رپورٽن کي هڪٻئي جي ابتڙ قرار ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪا رپورٽ ڊسٽرڪٽ عدالتن مان ملي آهي، اها سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل رپورٽ کان مختلف آهي، عدالت اي جي سنڌ کي حڪم ڏيندي چيو ته پهريان جوڊيشل مئجسٽريٽس جي رپورٽ جو جائزو وٺو ۽ پوءِ ان بابت ڳالهايو، عدالت وڌيڪ چيو ته جوڊيشل آفيسرن جي رپورٽ کان پهريان حڪومت سنڌ جي جن آفيسرن رپورٽ جمع ڪرائي آهي، اهي پڻ اهم عهدن تي فائز آهن، اهي آفيسر سنڌ حڪومت جي نمائندگي ڪن ٿا. ڪالهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آبپاشي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سکر واسي جون مهيني تائين بلڊنگ نه ڊاهڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي چيو ته عدالت 2 ڏينهن ۾ سامان هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ۾ جون تائين واڌ ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهنجو سامان هٽائي سگهون، عدالت پٽيشنر جي استدعا رد ڪندي چيو ته اسان عدالتي حڪمن ۾ واڌ نه ٿا ڪري سگهون، اوهان کي 2 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، پنهنجو سامان کڻو نه ته ڊاهڻ جو حڪم ڏينداسين. عدالت اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته جن ماڻهن زمين ليز تي ڏني آهي، اوهان انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه پيا ڪريو؟ توهان بورڊ آف روينيو جي آفيسرن خلاف انڪوائري شروع ڪريو، جيڪي ليز ڏيڻ ۾ملوث هئا، اسان ان بابت حڪم ڏينداسين، جنهن تي اي جي سنڌ چيو ته اسان کي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت اي جي سنڌ کان پڇيو ته اوهان حددخلين بابت جوڊيشل آفيسرن جي رپورٽ ڏٺي آهي، جوڊيشل آفيسرن جي رپورٽ سنڌ حڪومت جي رپورٽ جي ابتڙ آهي، عدالت اي جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته جوڊيشل آفيسرن جي رپورٽ جو جائزو وٺو، جن آفيسرن پهريان رپورٽ جمع ڪرائي هئي، اهي ڪي عام ماڻهو ناهن، ٽنهي آفيسرن جو تعلق سنڌ حڪومت سان ئي آهي، جنهن تي اي جي سنڌ چيو ته ڪجهه جوڊيشل آفيسر ته ڊي سيز سان گڏ ويا هئا، اهي مطمئن هئا ته توهان ڪم بهتر نموني سان ڪيو آهي.