خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻن حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. باء انڊس هاء وي تي ايل پي جي پئٽرول پمپ ڀرسان گذريل رات دير سان ٽرڪ ۽ ٻن اٺ گاڏن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ خيرپورناٿن شاھ جي گولي مار ڪالوني جو رهواسي اٺ گاڏي ۾ سوار 35 ورهين جو محمد مٺل بروهي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، 3 پورهيت محمد موسي’ بروهي، خان محمد بروهي ۽ شھمير بروهي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، ٽرڪ ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو.ٻئي طرف مشورين جي پئٽرول پمپ سامهون باءِ پاس انڊس هاء وي تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي طرف ويندڙ ڊوم وين گاڏي موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڊوم وين گاڏي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊوم وين ۾ سوار هڪ مسافر هٺيان اچي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ ڪڪڙ شھر جو رهواسي اڪبر جوڳي جي نالي سان ٿي، فوتي جي سڃاڻپ سندس جي پٽ اڪرم اسپتال ۾ پهچي ڪئي. پوليس ڊوم وين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.