آئيني ادارن کي تڪراري نه بڻايو

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي جو ادارا ۽ آئيني عهدا سدائين تڪراري رهيا آهن يا مخصوص سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ  انهن کي تڪراري بڻايو ويو آهي.جنهن ڪري ڪڏهن به ادارا غيرجانبدار ٿي پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن يا وري جيڪي آئيني عهدن تي ويٺل شخصيتون هونديون آهن اهي پاڻ کي آئين جو پابند بڻائي تڪراري بڻجڻ کان پاسو نه ڪنديون آهن. ڇا به هجي پر اهو اسان جي ملڪي نظام جو ماضي رهيو آهي جنهن کي ڪير نه مڃي پر اها ئي حقيقت  آهي. اڄ به انهي ماضي جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن جو آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهو آئين جي پاسداري ڪرڻ بدران پنهنجي پارٽي پاليسي تحت ڪم ڪري رهيا آهن.جڏهن ته هر ويندڙ حڪومت وري آئيني ادارن تي الزام هڻي انهن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.  انهن ادارن جي ماضي جي ڪردار کي ڏسجي ته انهن به پاڻ کي متنازعه بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي اهي به آئيني ذميواري بدران ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجون حدون اورانگهيندا رهيا آهن جنهن سان نه ملڪ جو ڀلو ٿيو آهي نه ئي جمهوريت مضبوط ٿي آهي انهن جي تڪراري ٿيڻ سان ملڪي مفادن کي به نقصان پهچندو آهي ته جموريت به بار بار پٽڙي تان لهي ويندي آهي .ڪڏهن نظريه ضرورت اڳيان اچي ويندو آهي ته ڪڏهن اليڪشن ۾ مخصوص ڌر کي فائدو ڏيڻ لاءِ آر ٽي ايس ويهي رهندو آهي ته ڪڏهن ادارن جي ملي ڀڳت سان ڪنهن پارٽي کي ڪنڊائتو ڪرڻ لاءِ سياسي اتحاد ۾ پئسا ورهايا ويندا آهن اهي سڀ اسان جي ماضي جو حصو رهيا آهن .ڪڏهن سياسي جماعتون ادارن کي سياست ۾ گهلينديون رهيون آهن ته ڪڏهن اهي ادارا سياسي بڻجي فيصلا ڪندا رهيا آهن جنهن ڪري اڄ تائين اهي تڪراري بڻجڻ کان بچي نه سگهيا آهن.

هاڻي به لڳي ٿو ڪجهه ڌريون انهن ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ مسلسل عوامي مهم هلائي رهيو آهي . هو انهي بي اعتمادي جي رٿ کي ڪڏهن آمريڪي سازش ڪوٺي رهيو آهي ته ڪڏهن ان کي  ان جا وزير اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ جو نتيجو قرار ڏئي رهيا آهن. ڪڏهن هو سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي جانبدار ڪوٺي چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا جو مطالبو ڪري رهيا آهن.جتي پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس جي شنوائي ٿي رهي آهي.چيو وڃي ٿو ته عمران حڪومت انهي ڪيس ۽ پنهنجي حڪومت ۾ ڪيل غلطين جي سزا کان بچڻ لاءِ هن وقت کان ئي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي مهم  هلائي رهيو آهي ته جيئن اڳيان ڪو فيصلو اچڻ ڪري ان خلاف اهو جواز پيش ڪري سگهي ته اسان ته اڳ ئي چيو پئي ته اهي ادارا جانبدار آهن ۽ هر فيصلو اسان جي خلاف ڪري رهيا آهن.

ڪالهه به اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته هو هاڻي حڪومت سان گڏوگڏ ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي مهم تي لٿل آهي. اهو ڪو دانشمنداڻو فيصلو ناهي ڇاڪاڻ ته جڏهن اوهان ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته اوهان ان جي خودمختياري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو.اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي ۽ ڪجهه وقت اڳ اهو ساڳيو عمران خان انهي اليڪشن ڪمشنر جي تعريف ڪندي ان کي غير جانبدار ۽ سٺو آفيسر قرار ڏئي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل رضامندي ۽ مشوري سان ان جي مقرري ٿي آهي ته پوءِ ان کي اوچتو  تڪراري بنائڻ پنهنجي ڪيس کان بچڻ جي ڪوشش کانسواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو .ٻيو اها ڪهڙي روش آهي ته جڏهن اوهان حڪومت ۾ نه رهيا آهيو ته پوءِ ڪنهن به اداري ۽ آئيني اداري کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندئو اها ته انارڪي جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سياسي جدوجهد ۽ احتجاج هر ڌر جو حق آهي پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته اهي پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ ملڪ جي اهم ترين ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪن.توهان انهن جي فيصلن سان اختلاف رکي سگهو ٿا پر انهن جو احترام ڪرڻ لازم آهي خاص ڪري انهن تي وڌيڪ ذميواري ٿئي ٿي جيڪي ملڪ جي اهم عهدن تي رهيا آهن ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جا اڳواڻ هجن،ڇاڪاڻ ته لکين ماڻهو انهن جي پوئلڳي ڪن ٿا جيڪڏهن انهن آئيني ادارن جو احترام ڇڏي ڏنو ته ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿيندي جنهن جو ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو.