سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر آءِ بي يونيورسٽي پاران وڊيو اسڪينڊل واري جاچ رپورٽ پڌري ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽي ي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر حسين صديقي ڏانهن شوڪاز نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي ۽ کيس ترت مٿس لڳل الزامن جو جواب ڏيڻ جو چيو ويو آهي. مٿس لڳايل الزامن ۾ چيو ويو آهي ته ڇوڪرين کي ڀڙڪائي يونيورسٽي جي وي سي، رجسٽرار ۽ ٻين تي بي بنياد الزام لڳائي بدنام ڪيو آهي ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. کيس چيو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنا ته توهان خلاف يونيورسٽي جي قائدن پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن جاچ رپورٽ اڳ ئي وي سي ڏانهن موڪلي حسين صديقي خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. وي سي ڏانهن موڪليل نوٽيس جي رجسٽرار زاهد حسين کنڊ پاران به تصديق ڪئي وئي آهي. هن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته نوٽيس جي جواب بعد معاملي کي يونيورسٽي جي مک فورمن سينٽ ۽ سينڊيڪٽ ڏانهن موڪليو ويندو ۽ اتي حتمي فيصلو ڪيو ويندو.