لاهور (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل جي سينيٽ مان منطوري  تي يوسف رضا گيلاني ۽ پ پ جا ٿورائتا آهيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن کي هن ايوان ۾ به شڪست ملي، جتي کين نالي مالتر اڪثريت حاصل هئي. هن چيو ته هيءَ اها اپوزيشن آهي، جيڪا بي اعتمادي واري رٿ جا خواب ڏسي رهي هئي، هو پريشان آهن ته ڪٿي اپوزيشن وارا هڪ ٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين. وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجو سامان وڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، ق ليگ اهم اتحادي آهي، اتحادين سان پهرين به معاملا حل ڪيا، هاڻي به معاملا ٺيڪ آهن. هن چيو ته سينيٽ مان بل جي منظوري بعد آءِ ايم ايف جو شرط پورو ٿي ويو، اسٽيٽ بينڪ کي سياسي مداخلت کان آزاد ڪيو، آءِ ايم ايف جي معاهدي سان ڪريڊٽ ريٽنگز بهتر ٿي ويندي. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته شاهد قاخان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو ارادو رکن ٿا، نواز شريف اچي نه رهيو آهي پر کيس گهرايو پيو وڃي، ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف لاءِ ڪمرو ۽ واش روم تيار ڪرايو آهي. فواد چوڌري چيو ته عدالتون جڏهن به پاليسي ڪيسز ۾ ويون آهن، ان جو فائدو ناهي ٿيو، جڏهن به عدالتن اختيار اورانگهيا ملڪ کي نقصان رسيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ غيرحاضر رهي اسان کي بل پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ڪرايو آهي، اتحادين جا به ساٿ ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون،