اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت کي للڪاريندڙ اپوزيشن کي پنهنجي گرائونڊ ۾ شڪست، اپوزيشن ليڊر گيلاني سوڌو 8 مخالف ڌر ميمبر غيرحاضر، دلاور گروپ حڪومت جو ساٿي بڻجي ويو، سينيٽ مان اسٽيٽ بينڪ جو ترميمي بل هڪ ووٽ تان منظور، اپوزيشن جو احتجاج، چيئرمين تي ڌر هجڻ جو الزام، گهيراءُ، نعريبازي ڪئي. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، ايجنڊا نمبر 4 تي شامل اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري لاءِ قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو وارو آيو ته ان وقت حڪومتي ميمبرن جو تعداد مخالف ڌر کان گهٽ هو، جنهن تي پارلياماني وزير علي محمد خان چيو ته اهو بل ناڻي وزير شوڪت ترين پاڻ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري ان بل کي ڇڏي ٻي ايجنڊا تي ڪارروائي هلائي وڃي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي حڪومتي درخواست قبول ڪندي قومي ميٽرولاجيڪل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان بل 2022ع جي منظوري جو عمل شروع ڪيو، جيڪو بل سينيٽ مان اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويو ته مخالف ڌر پوئتي ڇڏي آيل اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري واري بل واري ايجنڊا تي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  پر حڪومتي ميمبر گهٽ هجڻ ڪري حڪومت اهو بل پيش ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، ائين مخالف ڌر لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين ان بل تي ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندي رهي پر سينيٽ چيئرمين اهو چئي مخالف ڌر جي مطالبي کي نظر انداز ڪندو رهيو ته حڪومت بل پيش نه ٿي ڪرڻ چاهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مخالف ڌر تيستائين صدارتي خطاب تي بحث يا پوائنٽ آف آرڊر تي تقريرون ڪري پر مخالف ڌر انڪار ڪندي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو، مخالف ڌر جا ميمبر ان بعد سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم تي پهچي ويا، جتي به احتجاج ڪيو ويو، ائين سينيٽ چيئرمين ايوان جي ڪارروائي اڌ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪري ڇڏي، جنهن تي پيپلزپارٽي جي رضا رباني ۽ شيري رحمان چيو ته حڪومت کي اسٽيٽ بينڪ جي بل تي شڪست اچي وئي آهي، هنن نعرا به لڳايا، جماعت اسلامي سينيٽر مشتاق احمد آءِ ايم ايف جي بل تي حڪومت کي شڪست ٿيڻ جو نعرو لڳايو، جڏهن ته فيصل جاويد چيو ته بل اڄ ئي منظور ٿيندو، ائين اجلاس اڌ ڪلاڪ تائين ملتوي ٿيڻ ڪري حڪومت کي ميمبر پورا ڪرڻ لاءِ وقت ملي ويو، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پارلياماني وزير علي محمد سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا صورتحال آهي، جنهن تي علي محمد خان چيو ته صورتحال مزيدار آهي، هن حڪومت جي مدت کانپوءِ 2023ع ۾ به ايندڙ 5 سال مرڪز ۽ سنڌ ۾ به عمران خان جي حڪومت هوندي، ماڻهو سمجهي ويا آهن ته هي مخالف ڌر وارا انهن جي خوابن جا لٽيرا آهن، شوڪت ترين بل پيش ڪندو ان جي اچڻ جو ٿورو انتظار ڪيو وڃي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين کيس مخاطب ٿيندي چيو ته ناڻي وزير شوڪت ترين ايوان ۾ ڇو نه اچي رهيو آهي، توهان ناڻي وزير کي ايوان ۾ وٺي اچو، پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ اسٽيٽ بينڪ جي بل کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو، ان کي پيش ڪرڻ جو جڏهن وارو آيو ته ناڻي وزير ايوان ۾ موجود هو، پر ميمبر پورا نه هجڻ ڪري هو ايوان مان نڪري هليو ويو، حڪومت ڀاشن ڏيندي آهي ته ايوان جي اجلاس تي ڪروڙين رپيا خرچ ايندو آهي پر اڄ پنهنجا نمبر پورا ڪرڻ لاءِ ايوان کي غير سنجيده ورتو پيو وڃي، ايوان کي انتظار ۾ رکيو ويو آهي، اها سينيٽ چيئرمين جي ڪرسي ۽ ايوان جي بيعزتي آهي، سينيٽ چيئرمين جي ڪرسي حڪومت کي سهولت ڏيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته مان سهولتڪاري نه ڪري رهيو آهي، حڪومت بل پيش ئي نه ٿي ڪري ته مان ڇا ڪريان، حڪومت جيڪڏهن ايجنڊا نه ڏئي ته مان ان کي ايجنڊا ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهان، جنهن تي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته توهان اهو چئي سگهو ٿا ته بل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي جي شيري رحمان چيو ته حڪومت پنهنجو سڀ کان اهم بل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، آئون گڏيل مخالف ڌر کي مبارڪ ڏيان ٿي، هنن هي ڪهڙو ڊرامو ڪيو آهي پارليامينٽ کي تماشو بڻائي رکيو ويو آهي، بل پيش نه ڪرڻ تي عمران خان کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي ته پنهنجو بل منظور نه ڪرائي سگهي آهي، جي يو آءِ جي مولانا غفور حيدري چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو ترميمي بل منظور ڪرڻ نه پيا وڃو، اهو بل پاڪستان جي معيشت کي پابند ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري تي ضرب عضب لڳائي پئي وڃي، سينيٽ چيئرمين تي اخلاقي فرض آهي ته ووٽنگ ڪرائي ان کي ايجنڊا مان ڪڍيو وڃي، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ سينيٽ چيئرمين سان مخاطب ٿيندي چيو ته خدا جي واسطي توهان هن ايوان جو تقدس پائمال نه ڪيو، ناڻي وزير نه آهي ته هن بل تي ڪارروائي ملتوي ڪيو ۽ هڪ مهيني تائين ان کي ايجنڊا  ۾ شامل نه ڪرڻ جي رولنگ ڏيو، توهان ايوان کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا کلي رهي آهي، ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪيو، قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته هي ايوان جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جو ڪيئن مطالبو ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر توهان تي دٻاءُ وجهي رهي آهي، سينيٽ چيئرمين جي عهدي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پيپلزپارٽي ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته هنن ايم ڪيو ايم مٿان دهشتگردي ڪئي آهي، هنن ماڊل ٽائون واقعي جي  ياد ڏياري ڇڏي آهي، هي جمهوري پارٽي نه رهي آهي، ايم ڪيو ايم تي تشدد تي هي معافي وٺن، جنهن تي پيپلزپارٽي جي ميمبرن گوڙ ڪيو، شبلي فراز پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته هنن ملڪي معيشت کي مفلوج ڪيو، ملڪ کي لٽيو، هنن جي همت ڪيئن ٿي رهي آهي جو هي بل جي مخالفت ڪري رهيا آهن،جنهن تي مخالف ڌر جا ميمبر احتجاج لاءِ سيٽن تي بيهي رهيا ۽ آءِ ايم ايف جو يار غدار آ غدار آ جا نعرا هڻندا رهيا، ائين جڏهن حڪومتي ميمبرن جو تعداد پورو ٿي ويو ته ناڻي وزير شوڪت ترين اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين پهريان بل پيش ڪرڻ جي مخالف ۽ پوءِ بل پيش ڪرڻ جي حق ۾ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ووٽنگ ڪرائي ته بل پيش ڪرڻ جي خلاف 43 ۽ حمايت ۾ به 43 ووٽ پيا، ووٽ برابر ٿيڻ تي سينيٽ چيئرمين بل پيش ڪرڻ جي حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ائين سينيٽ چيئرمين جي ووٽ کانپوءِ حڪومت سينيٽ ۾ بل پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ جي ترميمي بل جي شق  وار منظوري جو عمل شروع ٿيو، ان بل ۾ مخالف ڌر پاران ترميمون جمع ڪرايون ويون هيون پر چيئرمين موقعو نه ڏنو، حڪومت کان سينيٽ چيئرمين معلوم ڪيو ته مخالف  ڌر جون ترميمون توهان کي قبول آهن، جنهن تي حڪومت انهن ترميمن جي مخالفت ڪئي، جنهن تي وائيس ووٽنگ ذريعي مخالف ڌر جون ترميمون ايوان ۾ پيش ٿيڻ کانسواءِ ئي رد ڪيون ويون، جڏهن بل جي حتمي منظوري شروع ٿي ته مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪئي، جنهن تي ٻيهر بل منظور ڪرڻ جي حق ۽ مخالفت ۾ ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ووٽنگ ڪرائي وئي ته مخالف ڌر جو موجود 43 ميمبرن مان به اي اين پي جو هڪ ميمبر ووٽ ڏيڻ بنا ٻاهر هليو ويو، جنهن ڪري بل جي مخالفت ۾42 ۽ حمايت ۾ 43 ووٽ پيا ۽ ائين هڪ ووٽ جي اڪثريت سان حڪومت سينيٽ جي ايوان مان اسٽيٽ بينڪ جي ترميم جو بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، بل جي منظوري جي سموري عمل دوران مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تي بيهي توڙي سينيٽ چيئرمين جي روسٽرم جو گهيراءُ ڪري احتجاج ۽ نعريبازي ڪندا رهيا، مخالف ڌر جا ميمبر بل جون ڪاپيون ڦاڙي سينيٽ چيئرمين طرف اڇلائيندا رهيا.