ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قومي ڪرڪيٽر سرفراز احمد جي بالنگ تي کيڏندي سنڌ پريميئر ليگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته نئين ڪرڪيٽ ليگ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد پريميئر ليگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي نوجوانن ۽ معاشي ترقي لاءِ ايس پي ايل جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. هن چيو ته سنڌ پريميئر ليگ نه رڳو راندين جي حوالي سان آهي پر اسان جي نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ، کين بهتريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ جي بهترين پروڊڪٽس کي ڏيکارڻ لاءِ پڻ آهي. اهو پڻ اسان جي صوبي ۾ اقتصادي ترقي، نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم آهي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ۽ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت غير استعمال ٿيل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ليگ جي ڀرپور مدد ڪندي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وڏي وزير جي قانون ۽ پراسيڪيوشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي، سنڌ حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته هو اهڙن اسپورٽس ايونٽس ذريعي سنڌ جي نوجوانن جي ترقيءَ لاءِ ايس پي ايل جهڙن مثبت قدمن جي حوصلاافزائي ڪئي ويندي جيڪي عالمي شهرت حاصل ڪري لکين ماڻهن جو ڌيان ڇڪرائيندا. ايس پي ايل جي برانڊ ايمبيسڊر شاهد آفريدي ليگ ۽ سندن مشن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي سنڌ پريميئر ليگ جو برانڊ ايمبيسڊر ٿيڻ تي فخر آهي جيڪو منهنجي دل جي گهڻو ويجهو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ايس پي ايل سنڌ مان ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سنڌ پريميئر ليگ برطانيه ۽ يورپ جي سفير فيصل سليم خان ايس پي ايل جي پليئر ڊولپمينٽ پروگرام جو روڊ ميپ پيش ڪيو جيڪو سنڌ ۾ ڪرڪيٽرن کي انگلينڊ جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميز ۾ وٺي ويندو. هن چيو ته اسان اڳ ئي يورپ ۽ انگلينڊ جي وڏين ڪرڪيٽ اڪيڊميز سان ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. سنڌ وڏي وزير جو اسپورٽس بابت خاص مددگار ارباب لطف الله جي ڪورونا سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو ۽ ان جي نمائندگي سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڪئي. سنڌ پريميئر ليگ کي سنڌ حڪومت ۽ واپاري برادري جي حمايت حاصل آهي جيڪي صوبي ۾ معاشي سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ليگ جو ساٿ ڏين پيا. سنڌ پريميئر ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۾ هڪ سٺي اضافي جو ثبوت آهي ۽ سنڌ حڪومت، ڪاروباري برادري ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن جي سهڪار سان هڪ وڏو عالمي ايونٽ بڻجي رهيو آهي. ايس پي ايل ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ بينظير آباد لالز، حيدرآباد بهادرز، ڪراچي غازيز، لاڙڪاڻو چيلنجرز، ميرپورخاص ٽائيگرز ۽ سکر پيٽرياٽس شامل آهن. تقريب دوران ايس پي ايل جي صدر عارف ملڪ ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته ايس پي ايل هڪ پليئر ڊولپمينٽ پروگرام آهي جنهن جو مقصد سنڌ اندر رانديگرن کي تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي. هن اهو پڻ چيو ته سنڌ پريميئر ليگ 52 ملڪن ۾ ٽيلي ڪاسٽ ڪئي ويندي ۽ مستقبل ۾ 10 هزار نوڪريون پيدا ڪيون وينديون. ٻئي طرف ايس پي ايل جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن جڏهن ته صحافي شيڊيول ۽ ٻيا تفصيل ڄاڻڻ لاءِ پريشان رهيا ڪٿان به وڌيڪ تفصيل نه ملي سگهيا.