اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ٽين فور ۾ آپگهاتي ڪار بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي، ڪار ۾ سوار عورت سميت 2 آپگهاتي بمبار به مارجي ويا
اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ 10فور ۾ ڌماڪو ٿيو، هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٽن اهلڪارن سوڌو 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ذريعن موجب پوليس ٽيڪسي روڪي، جهڙتي ورتي ته ڌماڪو ٿيو
پوليس موجب هڪ ڪار کي جهڙتي وٺڻ لاءِ روڪيو ويو ته گاڏيءَ ۾ موجود آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، واقعي علائقي کي سيل ڪيو ويو
، دهشتگردن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي پوليس جو هيڊ ڪانسٽيبل عديل حسين شهيد ٿيو، ٽن پوليس اهلڪارن سميت 6 زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، عورت سميت 2 بمبار به مارجي ويا آهن
هي به پڙهندا
بلوچستان جي شھر ڪوھلو ۾ ڌماڪو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي