WORLD ENVIRONMENT DAY … پلاسٽڪ آلودگيءَ جا ماحول ۽ صحت تي اُگرا اثر

0
266
WORLD ENVIRONMENT DAY ... پلاسٽڪ آلودگيءَ جا ماحول ۽ صحت تي اُگرا اثر

 اسانجي چوڌاري موجود ھوا، مٽيءَ، پاڻي، وڻ ٽڻ، حيوانات ۽ نباتات توڙي گوناگون جيوت، مطلب ته ھر ڪا شيءِ جيڪا وجود رکي ٿي، سي سڀئي گڏجي ڪري اسانجو ‘ماحول’ جوڙين ٿا.  ڌرتيءَ تي وسندڙ ھر جاندار بشمول انسان جي، بقاءَ ۽ جياپي جو سمورو دارومدار ھڪ مناسب، معقول، سھڪاري ۽ صحتمند ‘ماحوليات’ تي ئي ھوندو آھي. هيستائين جي تحقيق ۽ دريافت آڌار، اسانجي زمين اھو واحد گرھ آھي، جتي حياتي ملي آھي ۽ اھو يقينن اسانجي ماحول جي معتدل ۽ مناسب ھئڻ ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو آھي. سو ماحولياتي جٽاءَ سان ئي اسانجي بقاءَ جڙيل آهي. تنھنڪري ماحوليات جو تحفظ ۽ پائيداري سڄي جڳ جي ڄڻ ته گڏيل ذميواري آھي ۽ انھيءَ عالمي عزم کي ورجائڻ لاءِ ھر سال اڄوڪي ڏينهن (5- جون) کي ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي. ھن سال جو ماحولياتي موضوع theme  آھي: “پلاسٽڪ آلودگي کي ڪيئن منھن ڏجي!”

                 گذريل چند ڏھاڪن (Decades) کان  دنيا ۾ پلاسٽڪ ۽ ان مان ٺھيل شين جو واھپو تمام تيزيءَ سان ۽ گھڻي مقدار ۾ وڌيو آهي. ان جي پٺيان آبادي ۾ واڌارو، شھرن جو ڦھلجڻ، جديد رھڻي ڪھڻي ۽ سھل پسندي سميت ٻيا به ڪيترائي سماجي، سياسي ۽ معاشي محرڪات موجود آهن. پلاسٽڪ جي اڻکٽ ۽ بي دريغ استعمال جي ڪري ماحوليات جو لڳ ڀڳ ھر رخ متاثر ٿيو آهي، جھڙوڪ ھوا، زمين، پاڻي ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ ھر طرح جي آبي، خاڪي ۽ جھنگلي جيوت.

سڀني نقصانن کي جيڪر ڪنھن ھڪ مظھر (Frame) ۾ ڏسڻ چاھيون ته اھو آھي؛ موسمي تغير يعني (Climate Change) تازو ئي موسمن جي مزاج ۾ تبديلي کي اسان سڀني مشاهدو ڪيو آھي، جھڙوڪ اڻ مندائتا مينهن، ھڪ پاسي ٻوڏون ته ٻئي طرف ڏڪار، سياري اونھاري جي روايتي مدت ۾ ڦيرڦار، گرمي پد (Temperature) ۾ عمومي شدت ته اوچتو ٺار، کنوڻ ڪرڻ جا وڌندڙ واقعا، ڳڙن ساڻ برساتون، ھوا جي گدلاڻ مثلاً ماڪ، ڌنڌ (Smog) ۽ دونھون، ٻيلن ۽ انساني آبادين ۾ باھ لڳڻ ۽ زراعت کي پھچندڙ نقصان.

ھونئن ته ڌرتيءَ ۽ ان تي موجود ھر ڪا شيءِ ماحولياتي مسئلن جو شڪار آھي ۽ انھن جي مضر اثرن کان تحفظ چاھي ٿي، پر ڊاڪٽر ۽ پبلڪ هيلٿ شعبي ۾ ھئڻ جي ناتي منھنجي سڀ کان وڏي ڳڻتي انساني صحت متعلق آھي!! ويتر تازو گذري ويل ڪورونا وبا جي تحقيق ۽ خدشن پٽاندر ڪووڊ-۱۹ جي برپا ٿيڻ ۽ ڦھلاءَ ۾ موسمي تبديليءَ کي ھڪ انتھائي اھم سبب طور ڏٺو پيو وڃي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته مستقبل ۾ به موسمي تبديليءَ سان اھڙيون وبائون اچي سگھن ٿيون.

مجموعي طور تي پلاسٽڪ کان سواءِ ٻيون شيون به ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪن ٿيون ۽ انساني صحت لاءِ پڻ ھاڃيڪار آھن، جيئن ته زھريليون گئسون، مختلف ڌاتو، ڪارخانن جو فضلو، توانائي پيداوار دوران نڪتل مادا، مخصوص شعاعون، تعميراتي ڪم، ڪيميڪل ۽ ڪيميائي شيون، مختلف قسمن جي انڊسٽري توڙي ٻي ھر طرح جي انساني سرگرمي. پر جيئن ته هن دفعي جو ساليانو موضوع پلاسٽڪ متعلق آھي، ته اسين به انھيءَ نقطي تي مرڪوز ٿيندي ان جو صحت سان لاڳاپو ۽ خطرن تي نظر وجھون ٿا.

انساني صحت تي پلاسٽڪ آلودگي جا اثر :

پلاسٽڪ آلودگي انساني صحت لاءِ هڪ اهم خطرو بڻجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي زندگيءَ جي هر پهلو کي متاثر ڪري ٿي. مثال طور، ھوا جنھن ۾ اسين ساهه کڻون ٿا، اھا پلاسٽڪ آلودگي جو شڪار ٿي وئي آھي ۽ ان ذريعي پتڪڙا ذرا (مائيڪرو پلاسٽڪ) اسان جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي مختلف مرضن جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن. اھو ھڪ عام مشاھدو آھي ته ماڻھن ۾ ساھ ۽ سيني جون بيماريون گهڻيون وڌي ويون آهن. ڪيترائي ڪئنسر به ھوا ۾ موجود “پلاسٽڪ پوليوشن” جو نتيجو آهن.  پلاسٽڪ جي ڪچري کي ساڙڻ سان زهريلي آلودگي هوا ۾ خارج ٿئي ٿي، جنهن ۾ ڊاءِ آڪسين(Dioxin) ، فرانز ۽ پولي سائڪلڪ اروميٽڪ هائيڊرو ڪاربن (PAHs) وغيره شامل آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن. ٻيو ته پلاسٽڪ جي جهجھي پيداوار ۽ نقل و حمل وري “گرين هائوس گيس”  جي اخراج ۾ معاونت ڪري ٿي، جيڪي  موسمياتي تبديلي کي وڌائين ٿيون ۽ نتيجي ۾ موسمي شدت ۽ گرمي جي لهر جھڙا لقاءَ ٿين ٿا. ھوائي گدلاڻ سببان ٿيندڙ ماحولياتي تفاوت وري جيتامڙن، مڇر، مک ۽ ٻين ڦھلاءُ ڪندڙ (Vectors) حشرات الارض وسيلي بيمارين جي پکيڙ ڪري ٿو ۽ انساني صحت کي سخت متاثر پڻ ڪري ٿو. بعضي اھي تبديليون وبائن جو ڪارڻ به بڻجي وڃن ٿيون.

کاڌي ۽ پاڻي جي آلودگي :

پلاسٽڪ جو فضلو (Waste)  پاڻي جي ذخيرن کي آلوده ڪري ٿو، جتي اهو ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي ٿو ۽ اهي مائڪرو/نينو پلاسٽڪ،  سامونڊي ۽ ٻين آبي جاندارن پاران استعمال ڪري سگهجن ٿا، جيڪي وري آخرڪار انساني کاڌ خوراڪ جي نظام (Food Chain) وسيلي انساني جسم ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.  تحقيق مان اهو ظاهر ڪيو ويو آهي ته مائڪرو پلاسٽڪ مختلف خوراڪ ۽ پاڻي جي ذريعن ۾ دريافت ڪيا ويا آهن، جن ۾ سامونڊي خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي، ۽ عام لوڻ شامل آهن. انهن مائيڪرو پلاسٽڪ کي کائڻ سان معدي جي مسئلن، هارمون رطوبتن جي خرابين، ۽ ڊگهي مدي واري صحت جا خطرا (Chronic Diseases) پيدا ٿي سگهن ٿا. ھڪڙي ٻي خوفناڪ صورتحال اھا به آهي ته کاڌ خوراڪ جي مختلف شين، کير، پيڪنگ مٽيريل ۽ ڊگھي مدي تائين اسٽوريج ٿيندڙ کاڌن ۾ ٻين جزن سان گڏ ‘پلاسٽڪ’ جي ملاوٽ به رپورٽ ٿي آهي، جيڪا يقينن ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.

ڪيميائي پٽڙو جو ڦھلاءُ  (Chemical Leaching)

پلاسٽڪ ۾ مختلف قسم جا زهريلا ڪيميائي مادا ٿين ٿا، جهڙوڪ بيسفينول ۽ فٿاليٽس وغيره. جڏهن پلاسٽڪ جون شيون خراب ٿي وڃن ٿيون يا گرميءَ ۾ پگھري وڃن ٿيون، ته اهي ڪيميائي مادا ڀرپاسي جي ماحول ۽ شين ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. جڏهن انسان انهن ڪيميائي مادن سان لھ وچڙ ۾ اچن ٿا: پلاسٽڪ جي شين سان سڌي رابطي ذريعي يا آلوده کاڌي ۽ پاڻي جي استعمال سان، ته اهو عمل انساني صحت تي خراب اثرات کي جنم ڏئي سگهي ٿو، جن ۾ پيدائشي نقص،  جينياتي خرابيون، واڌ ويجهه جا مسئلا ۽ ڪجهه ڪينسرز جو وڌندڙ خطرو شامل آھن.

پلاسٽڪ پوليوشن کان بچاءَ ۽ محفوظ ماحول لاءِ ڇا ڪجي؟

پلاسٽڪ آلودگي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ، عام ماڻهن، مختلف طبقهء فڪر جي سماجي گروهن، صنعتن ۽ حڪومتن کان هڪ گڏيل ڪوشش جي ضرورت آهي. چند گذارشون پيش ڪجن ٿيون ۽ انھن ۾ واڌو ٻيون لاڳاپيل تجويزون به شامل ڪري سگھجن ٿيون:

(1) پلاسٽڪ جو استعمال بنھ گھٽ ۽ مجبوري جي حالت ۾ ڪجي. خاص طور تي ھڪ ڀيرو (Disposable)  استعمال جو رجحان بلڪل گھٽائڻ کپي.

(2) شين/برتن جي ٻيهر استعمال جو رواج وڌايون، جهڙوڪ بيگز، بوتلون ۽ اسٽرا وغيره.

(3) پائيدار پئڪنگ وارن طريقن کي قبول ڪريون ۽ پلاسٽڪ جي ري- سائيڪلنگ جي اپائن کي فروغ ڏيون.

(4) سادگيءَ واري رھڻي ڪھڻي (Life Style), فطرت ڏانهن موٽ ۽ پراڻن صحتمند طريقن واري طرز عمل اختيار ڪرڻ سان به اسين پنھنجي ماحول کي صاف ۽ بي ضرر بڻائي سگھون ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ صحت تي پلاسٽڪ آلودگي جي نقصانڪار اثرن بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏجي ته جيئن انھن ۾ شعور اجاگر ٿئي ۽ ماحول جي حوالي سان ذميواري جي احساس کي وڌائي سندن روين ۾ مثبت تبديلي آڻجي.

(5) مقامي ماحولياتي صورتحال متعلق سائنسي تحقيق کي فروغ ڏيڻ به ضروري اپاءُ آھي، جنھن سان ماحولياتي آلودگي جي اثرات کي بهتر سمجهڻ ۽ گھٽ ڪرڻ لاءِ مؤثر حڪمت عملي جوڙي سگھبي ۽ مسئلن جو پنھنجي مقامي طريقن سان حل ڪڍي سگھبو، جيڪو زميني حقائق جي عين مطابق ۽ جٽادار هوندو.

پاليسي ۽ ضابطو :

(1) حڪومتن ۽ اختيارين کي گهرجي ته پلاسٽڪ پروڊڪٽس لاءِ خاص طور تي۽ ٻين شين لاءِ عمومي طور تي سخت ضابطا ٺاهيا وڃن ۽ بي ريا نگراني ڪئي وڃي. پلاسٽڪ ٿيلهين جي انڌا ڌنڌ استعمال خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

(2) فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ صنعتي سرگرمين جي EPA ( Environmental Protection Agency)   ۽ ٻين متعلقه ادارن پاران نگراني ڪرڻ ته جيئن اھي طئي شده اصولن تي عمل ڪن ۽ ڪنھن به قسم جي پلاسٽڪ پوليوشن يا ماحولياتي آلودگي جو سبب نه بڻجن.

(3) ميونسپل ۽ اسپتالن جي گند ڪچري جي صحيح طريقي سان تلفي (Municipal and Hospital waste management)  به لازمي آھي، ٻي صورت ۾ گدلاڻ، ڌپ، جيت جڙن جي افزائش ۽ بيمارين (مليريا، دست ۽ ٻيا وچڙندڙ مرض) جي پکڙجڻ جو شديد خطرو لاحق ٿي سگھي ٿو. انھيءَ ڏس ۾ عوامي نمائندن، سماجي شخصيتن، رضاڪارن، غير سرڪاري تنظيمن (NGOs)، استادن ۽ ميڊيا کي پڻ پنھنجي اثر رسوخ سان عوام الناس ۽ لاڳاپيل ڌرين کي مھم ۾ شامل ڪجي ۽ ماحولياتي آلودگي متعلق شعور اجاگر ڪجي، ڇاڪاڻ ته ماحول صحتمند ھوندو ته اسين به تندرست رھنداسين، نه ته ھن ڌرتيءَ تي جياپي ۽ بقاءَ جي ڳالهه تي سواليه نشان اچي ويندو.