World Diabetes Day … ڪيڪ مٺايون ڇڏيو، ڀاڄيون ميوا کائو

0
139
World Diabetes Day ... ڪيڪ مٺايون ڇڏيو، ڀاڄيون ميوا کائو

 عالمي برادري ۾ اسانجي سڃاڻپ کي جيڪر  ترقي، خوشحالي، تندرستي ۽ ٻين چڱائي جي  فھرستن ۾ جاچبو ته اسين اڪثر ڪري ڪافي ھيٺ نظر اينداسين، پر جي اوڻاين ۽ منفي توڙي بيمارين جو پوتاميل ڪبو ته بدقسمتي سان اسين ھميشه سرفهرست موجود ھوندا آھيون، جيئن تازو ئي دنيا ۾ ذيابيطس (Diabetes) يا شوگر (مٺو پيشاب) جي مرض ۾ ورتل اڪثريتي ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان جو پھريون نمبر آھي. اندازن موجب 33 ملين مريضن سان، اسانجي آبادي جو 31 سيڪڙو ، ذيابيطس جو شڪار آھي. مٿي وري 11 ملين ماڻھو ذيابيطس کان صرف ھڪ وک جي وٿيءَ تي آھن، جنھن کي Pre-Diabetic چئبو آهي. باقي دنيا ۾ به شوگر جي مرض ۾ گهڻو واڌارو ڏٺو پيو وڃي ۽ لڳ ڀڳ  573 ملين ماڻھو ذيابيطس ۾ مبتلا آھن. جڏهن ته ٻاراڻي ذيابيطس اڃا به ان کان علاوه آھي. انھيءَ سڄي شوگر جي مريضن جي تعداد مان، 60 سيڪڙي کان وڌيڪ رڳو ايشيا کنڊ ۾آھن.

                 ذيابيطس جو مرض نه صرف عددي اعتبار کان ڳڻتي جوڳو آهي، بلڪه پيچيدگين ۽ صحت لاءِ خطرات توڙي صحت جي عالمي نظام تي ھڪ وڏو بار پڻ آھي.  ويتر ان جي ضابطي ۽ بچاءَ طرف به جوڳا اپاءَ نه وٺڻ ڪري، اھو ھڪ وڏو عوامي صحت جو مسئلو (Global Public  Health Issue) بڻجي رھيو آھي، جنھن کي سائنسدان ۽ ڊاڪٽر، ھڪ خاموش عالمي وباء (Silent Pandemic) به قرار ڏئي رهيا آھن. ذيابيطس جي ھيڏي وڏي اھميت کي نظر ۾ رکندي، دنيا ۾ اڄوڪي تاريخ (14 نومبر) کي “ذيابيطس جو عالمي ڏهاڙو” ڪري ملھايو ويندو آھي، جيڪو اصل ۾ “انسولين” INSULIN جھڙي بھترين دوا ايجاد ڪندڙ عظيم سائنسدان Frederick  Banting جو جنم ڏينھن آھي. ھي ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد عوام الناس کان وٺي ايوانن تائين ۽ مريضن کان وٺي ڊاڪٽرن ۽ ٻين لاگاپيل ڌرين تائين، شوگر جي مرض متعلق ضروري معلومات، علاج معالجي ۽ تشخيصي سھولتن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ خطرات/پيچيدگين کان بچاءُ لاءِ آگاھي فراهم ڪرڻ آھي. ھر سال وانگي، ھن سال جو سلوگن آھي:Know your Risk, Know your Response يعني، اسان سڀني کي پنھنجي پاڻ جي Diabetes Risk Assessment  ڪرڻ گهرجي ۽ وري پنھنجي Response روين کي جاچڻ گهرجي، ته ڪٿي اسين خود شوگر ۾ مبتلا ته ناھيون؟ يا شوگر جي خطري ۾ ته ورتل ناھيون!؟ ڇاڪاڻ ته شوگر جو مرض بعضي بنا ڪنھن روايتي علامتن يا نشانين جي خاموشي سان انساني جسم ۽ صحت کي اڏوهي جيان چٽيندو رھندو آھي، تان جو متاثر شخص عضون جي خرابي يا ٻين علامتن ساڻ وڃي بيماري جي بستري تي داخل ٿي ويندو آھي ۽ پوءِ ھڪ مستقل علاج جي ضرورت پئجي ويندي آھي، تنھنڪري ئي ان کي صحت جو خاموش قاتل به ڪوٺبو آھي.

ذيابيطس جا ڪارڻ:

ھونئن ته اڪثر ڪيسن ۾ ھڪ کان وڌيڪ ڪارڻ شامل ھوندا آھن، پر جيئن جيئن ڪنھن به شخص ۾ خطرات (Risk) وڌندا ويندا، تيئن تيئن انھيءَ جا ذيابيطس ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان به وڌندا ويندا. اسانجي رھڻي ڪھڻي ۽ موجوده حالات ۾ جيڪي اھم سبب آھن، تن ۾ شامل آھن: ٿولھ (خاص طور تي چيلھ جي) ڪسرت جي ڪمي (Lack of physical exercise), کاڌ خوراڪ ۾ بي احتياطي (جھڙوڪ مٺاڻ، ڪيڪ بسڪيٽ، بيڪري آئٽم، بازاري کاڌا، تريل ۽ پيڪنگ واريون شيون، سوفٽ ڊرنڪ، برگر، سڻڀ،  اڦراٽا ۽ ڪڙاھي گوشت ڪلچر جو بي دريغ استعمال) سگريٽ نوشي يا ڪنھن به قسم جو نشو واپرائڻ، ڊگھي ويھڪ، ذھني دٻاءُ ۽ ڳڻتيون وغيره. ساڳئي وقت خاندان ۾ ذيابيطس جو مرض ھئڻ (Family History) ، ۽ وڌندڙ ڄمار، ذيابيطس جي خطري کي ھيڪاندو وڌائي ڇڏي ٿو.

چڪاس ۽ علاج:

ڪنھن به قسم جي علامت ظاهر ٿيڻ يا پنھنجي رسڪ اسيسمنٽ کي مدنظر رکندي، ھميشه ڪنھن مستند ڊاڪٽر کان مشورو ڪري، تجويز ڪيل ٽيسٽون به ڪنھن معتبر ليبارٽري کان ڪرائي، پنھنجي صحيح طرح سان تشخيص ڪرائڻ انتھائي ضروري عمل آھي، ڇاڪاڻ ته انھيءَ تي ئي اڳتي جو لائحهء عمل جڙندو آهي ته علاج جي ڪيتري ضرورت آهي ۽ ڪھڙين دوائن سان ٿيندو؟ اتي ڪيترائي ڀيرا عطائي ڊاڪٽرن يا ڏيڍ ھوشيار (Google driven) صلاحڪارن جي ور چڙهي ماڻھو ويتر بيماري کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. سو ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر ۽ معتبر اسپتال کان ئي مشورو ۽ علاج ڪرائجي. ٻيو ته لاڳيتو ذميواري سان پنھنجي معالج سان لھ وچڙ (Follow up) رکڻ به ڪامياب علاج جي ضمانت آھي.

ذيابيطس کان بچاءُ جا اپاءُ:

سڀ کان اول ته سرڪاري اسپتالن ۾ شوگر جي ٽيسٽ، اسڪريننگ ۽ عوامي آگاھي جا جوڳا بندوبست ھئڻ لازمي آھن ته جئين عوام کي ذيابيطس کان بچاءُ، توڙي علاج معالجي جون سهولتون ھر ھنڌ پھچ ۽ معاشي طور آساني سان ميسر ٿي سگھن. ٻيو ته اسان سڀني جي به ذميواري آھي ته ھميشه صحتمند طرزِ زندگي اپنايون. خاص طور تي کاڌ خوراڪ سادي ۽ مناسب واپرايون، روزمره جي عادتن ۾ جسماني ھلچل ۽ پنڌ ھلڻ کي شامل ڪريون، ڪيڪ مٺائين ۽ بيڪري آئٽم جو استعمال صفا نه ھئڻ برابر ڪريون. دعوتن ۽ سالگرهه توڙي حج عمره زائرين کي مبارڪ ڏيڻ مھل ڪيڪن مٺائين جي تحفن بجاءِ ميوا ڏيون وٺون، گوشت ۽ تريل طعامن کي گھٽ، جڏهن ته ڀاڄين ڀاڄين ۽ سلاد جو واھپو وڌايون. سگريٽ نوشي، گٽڪا توڙي ٻين منشيات کي ھڪدم ترڪ ڪريون. ڪوشش ڪري ھوٽلنگ ۽ بازاري کاڌن کي ڇڏي گھريلو طعامن ڏانھن موٽ ڪريون. ماڊرن لائيف اسٽائل، اسڪرين ۽ فون جي گھڻي استعمال توڙي سوشل ميڊيا جي بيجا استعمال سان به اسانجي صحت تي اگرا اثر پون ٿا، خاص طور تي اسانجي رات جي ننڊ پوري نٿي ٿئي، جيڪا پڻ ذيابيطس جي خطري کي وڌائي ٿي. مثبت سوچ ۽ سماجي آسودگي سان اسين ٽينشن کان بچون ٿا، ۽ اھا شئي اسانکي شوگر جي مرض کان بچڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.

اچو ته اڄوڪي “ذيابيطس جي عالمي ڏهاڙي” تي عزم ڪريون ته اسين نه صرف پنھنجو پاڻ کي ذيابيطس کان بچائيندا سين، بلڪه پنھنجي آسپاس وارن ۽ ٻين کي پڻ ھن موذي مرض کان بچڻ ۽ مبتلا مريضن کي مناسب علاج معالجي ۾ مدد ڪري ھڪ ذميوار شھري ھئڻ جو ثبوت ڏينداسين   [email protected]