سياري جي آمد، دهشتگرد حملن ۾ تيزي ۽ پرامن چونڊون

0
207
سياري جي آمد، دهشتگرد حملن ۾ تيزي ۽ پرامن چونڊون

 پاڪستان مان جيئن ئي افغاني پناهگيرن جي واپسيءَ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ تيزي ڏٺي وئي آهي، جنهن مان محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته افغانستان ۾ موجود طالبان حڪومت ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بدران دٻاءُ ۾ رکڻ جي پاليسي اختيار ڪري ويٺي آهي. بلوچستان جي ضلعي گوادر جي علائقي پسني ۾ فوجي قافلي تي بلوچ عسڪريت پسندن جي حملي جي نتيجي ۾ 14 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. ان ئي ڏينهن ڊيره اسماعيل خان ۾ بم ڌماڪن ۾ هڪ فوجي جوان سميت 6 ڄڻا شهيد ۽ 24 زخمي ٿي پيا. 4 نومبر تي پاڪ فضائيا جي ميانوالي ٽريننگ ايئربيس تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ فوري ڪارروائي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا. اهڙيءَ طرح 6 نومبر تي خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي وادي تيراهه ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ٿيل آپريشن ۾ هڪ اعليٰ فوجي آفيسر سميت 4 فوجي شهيد ٿيا.

                 پاڪستان جي افغان پاليسي کي هن وقت شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، خاص طور تي پنجاب جو دانشور ۽ صحافتي حلقو ان تي کلي ڳالهائي رهيو آهي. رئوف ڪلاسرا پنهنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته چئن ڏهاڪن کانپوءِ هاڻي اسان ان عمل کي “ريورس” ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇو ته اهي نتيجا نه نڪري سگهيا، جن جي اسان کي توقع هئي. جن اسٽريٽجڪ نتيجن لاءِ اسان چاليهه سالن تائين اهو بار کنيو، جنهن اسان جون هاڻي دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. رياست جي سيڪيورٽي خطري ۾ پئجي وئي آهي، جڏهن ته ڪابل ۾ طالبان حڪومت کي ٺهندي اڃان صرف ٻه سال ٿيا آهن. نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چئي چڪو آهي ته ڪابل ۾ طالبان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 60 سيڪڙو ۽ خودڪش بم حملن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. هن واضح ڪيو ته افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان کي سهائتا ملي رهي آهي. توڙي جو پاڪستان ڏکين حالتن ۾ افغانستان جو ساٿ ڏنو، 40 لک پناهگيرن کي پناهه ڏني، موجوده طالبان حڪومت کانپوءِ به لڏپلاڻ ڪري ايندڙ 8 لک افغاني شهرين کي عارضي شهريت جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا. افغانستان قيادت جي ڌمڪين باوجود پناهگيرن جي واپسيءَ واري پاليسي واپس نه ٿيندي.

افغانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي آصف درانيءَ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جيڪو ڪجهه چيو آهي، ان جي ذريعي طالبان قيادت کي اهو پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا ته انهن کي پاڪستان يا تحريڪ طالبان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ڇو ته اهي ٻئي شيون گڏ نٿيون رهي سگهن. درانيءَ جي چوڻ موجب تحريڪ طالبان پاڪستان جا 6 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ ڪٽنبن سميت رهن پيا. ايئرفورس جي اڳوڻي ڪمانڊر ۽ تجزيه نگار شهزاد چوڌري جو چوڻ آهي ته افغانستان کان تربيت يافته ماڻهو هتي حملن لاءِ موڪليا پيا وڃن. پاڪستان انهن جي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ بڻجي ويو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته اهو علائقو اسان جو آهي ۽ اسان ڊيورنڊ لائين کي نٿا مڃيون. ان صورتحال ۾ ڇا پاڪستان ايئن ڪري، جيئن آمريڪا افغانستان ۾ ڪيو يا ڊرون پاڪستان ۾ ڪندا رهيا پر ڪوشش اها آهي ته ڳالهه ٻولهه سان معاملا ٺيڪ ٿي وڃن. شهزاد چوڌري ان سان گڏ اهو پڻ چوي ٿو ته پاڪستان جي خلاف آمريڪي هٿيار استعمال ڪيا پيا وڃن، جيڪي افغانستان ۾ آمريڪا ڇڏي ويو هو. ڪجهه ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته تاريخي طور تي سياري ايندي ئي پاڪستان ۾ عسڪريت پسندن جي حملن ۾ واڌ اچي ويندي آهي، ڇو ته دهشتگرد سردين جي ڪري پاڪستان ۽ افغانستان جي جابلو علائقن کان هيٺ لهي ايندا آهن. ان حوالي سان ماهر آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۽ اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو جي قتل جو حوالو ڏين ٿا، جيڪي سردين جي مند ۾ ٿيا. هڪ راءِ اها به آهي ته سياري جي مند شهري گوريلا جنگ لاءِ موضوع آهي، ڇو ته ان دوران عسڪريت پسند برفاني پهاڙن تان لهي شهري مرڪزن ۾ پنهنجي سليپر سيلون ۾ وقت گذاريندا آهن. انهن مان ڪجهه ته خاموش رهندا آهن ۽ ڪجهه وڏن حملن جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن موقعو ڏسندا آهن ته ان تي عمل ڪندا آهن.

هاڻي جڏهن 8 فيبروريءَ تي چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، سياسي جماعتن سياسي مهم کي گيئر ۾ وجهي ڇڏيو آهي، انهن ڏينهن ۾ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان هڪ وڏي مسئلي جي صورت ۾ موجود آهي، جتي تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ اها ساڳي سوچ رکندڙ مذهبي انتهاپسند ۽ بلوچ عسڪريت پسند سرگرم آهن. انهن ۾ ٽي ٽي پي چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري سگهي ٿي، ڇو ته اها چونڊن ۽ جمهوريت کي “غير اسلامي” قرار ڏئي ٿي، جڏهن ته بلوچ عسڪريت پسند عوام کي اليڪشن کان پري رهڻ جي هدايت ڪندا آيا آهن.

جيڪڏهن اسان جائزو وٺون ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن چونڊن ۾ دهشتگرد حملن جو هڪ سلسلو ڏٺو ويو آهي، جنهن ۾ 2007ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو شهيد ڪئي وئي. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ان جي جلوس تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ماڻهو حياتين کان محروم ٿي ويا. بلوچستان ۾ 2008ع جي چونڊن ۾ عسڪريت پسند تنظيمن بائيڪاٽ ڪيو ۽ نتيجي ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ عوامي نيشنل پارٽي ڪي پي ڪي کان وٺي ڪراچي تائين نشانو بڻيل رهي ۽ ان جو سينيئر اڳواڻ بشير بلور مارجي ويو. ان کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي کي به اها شڪايت رهي ته انهن کي محدود ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ 2018ع جي عام چونڊن ۾ پڻ عوامي نيشنل پارٽي تحريڪ طالبان جي نشاني تي رهي ۽ بشير بلور جو پٽ هارون بلوچ مارجي ويو. بلوچستان ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو اڳواڻ نوابزاده سراج رئيساڻي هڪ خودڪش حملي ۾ مارجي ويو، ان کان علاوه پڻ اي اين پي، پيپلز پارٽي، جمعيت علماءِ اسلام سان تعلق رکندڙ سياستدانن کي ڏکيائيون پيش آيون.

افغانستان ۾ ڇڪتاڻ ۽ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ عسڪريت پسندن جي حملن ۾ ايندڙ تيزي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊن تي خوف ۽ خطري جا خدشا لامارا ڏيئي رهيا آهن. ماضيءَ ۾ 2013ع ۾ نيشنل ايڪشن پلان موجود هو. طالبان جي خلاف ڀرپور آپريشن جي ڪري اهي ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ افغانستان جي حامد ڪرزئي حڪومت سان توڙي جو دوستاڻو تعلق نه هو ته به صورتحال ايتري ڇڪتاڻ واري نه هئي، جو انهن وٽ پراڪسي وار هجي. تحريڪ طالبان پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) کي ڌمڪيون ڏيئي چڪي آهي. جي يو آءِ جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان حملي مان ذري تان بچي ويو. اي اين پي اڃان تائين نشاني تان ناهي هٽي، جڏهن ته هاڻي ٽي ٽي پي کانسواءِ داعش ۽ ٻيا علائقائي گروپ به فعال ٿي چڪا آهن.

جيئن ته وزير اعظم ڪاڪڙ اهو چئي چڪو آهي ته افغان پناهگيرن جي واپسي جو سلسلو بند نه ٿيندو پر ان ۾ ٿوري سست رفتاري ضرور نظر اچي رهي آهي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ رضاڪاراڻي واپسي وارن کي ٽرانسپورٽ فراهم ناهي ڪئي وئي. جن کي بنا دستاويزن جي گرفتار ڪري موڪليو ويو آهي، انهن جو تعداد به 450 کان وڌيڪ ناهي. هاڻي ان ۾ دانسته ڪوشش آهي يا غير دانسته، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ڪٿي به نام نهاد سول سوسائٽي پناهگيرن لاءِ سرگرم ناهي پر ڪراچيءَ ۾ مظاهرا به ڪيا پيا وڃن، عدالت سان به رجوع ڪيو ويو آهي. بظاهر ته عورت مارچ وارن جو چوڻ آهي ته ان صورتحال سان افغان عورتون ۽ ٻارڙا متاثر ٿيندا، ان ڪري اهي انهن جي جبري تڙڻ جي خلاف آهن. ڪيترين ئي سياسي جماعتن خاموشي پڻ اختيار ڪري رکي آهي، جهڙوڪ: مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ بلوچ قومپرست جماعتون. ماضي ۾ پناهگيرن جي معاملي تي اختر مينگل هجي يا ٻيا، انهن جا جذباتي بيان پڙهڻ لاءِ ملندا هئا پر هن وقت بلڪل خاموشي آهي، حالانڪه انهن جماعتن جا خدشا رهيا آهن ته پناهگيرن جي ڪري بلوچستان جي ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي.