ٽھڪن ۾ ٽانڊا … قصو منھنجي چرئي ٿيڻ جو!

0
209
ٽھڪن ۾ ٽانڊا ... قصو منھنجي چرئي ٿيڻ جو!

 اسان جي ديس ۾ مھانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ بدامني چوٽ چڙھيل آھي. آئون روز صبح جو بيلچو، ھٿوڙي، مارو ۽ تيشي کڻي وڃي شھر جي فوٽ پاٿ تي تاريخ ملڻ جي آسري تي ويھندو ھئس پر سج لٿي تائين تاريخ تي وٺي وڃڻ لاءِ ڪو به لڙي ڪو نه ايندو ھو. سج لٿي کانپوءِ آئون مايوس ٿي خالي ھٿين اوزار کڻي گھر موٽندو ھئس. منھنجو منھن لھي اھڙو بڇڙو ٿي ويندو ھو، ڄڻ ڪا ايش ٿر ڀڄي پئي ھجي. گھر پھچڻ کانپوءِ طوطن ماءُ مون کان اھڙا سوال پڇندي ھئي، جھڙو آئون ڪنھن ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا جي ٽيسٽ پيو ڏيان. پوءِ مون سوچيو ته آئون سورنھن آنا شريف انسان آھيان. مون کي ھن ظالم دنيا ۾ جيئڻ لاءِ اٺ آنا حرامڙو ٿيڻ کپي. اوچتو 12 نومبر واري “پنھنجي اخبار” ۾ ھڪ عجيب و غريب خبر پڙھي آئون حيران ٿي ويس. خبر ھئي ته ننگرپارڪر ۾ ھڪ نوجوان مهراب خان کوسو، جنھن کي پيرسن غلام محمد کوسي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو ھو ۽ ان جو مڱيندو ھو، تنھن پنھنجي مڱ کي ڇڏي پنھنجي سس سانئڻ کوسو کي ليکا ڏئي اغوا ڪري ان سان شادي ڪري ڇڏي. ان گھر مان نوي ھزار کڻي ۽ موٽرسائيڪل به ڪاھي ويو. ويچاري پيرسن غلام محمد کوسي جا مٿي تي ھٿ ھئا ۽ پريس ڪلب اڳيان پئي دانھون ڪيائين. ان خبر پڙھڻ کانپوءِ منھنجي ذھن ۾ به ھڪ شيطاني خيال آيو ته آئون به ڇو نه پنھنجي سس ماسي ناٿي نانگڻ سان شادي ڪريان ۽ سندس ڌيءَ طوطن ماءُ مان ھٿ ڪڍان. ماسي ناٿي نانگڻ جو مڙس ممڙو موالي ھو ۽ گوسڙو ماستر ھو. ھڪ دفعي مارشلا ڀنگ جا 10 پيالا پي ويو ۽ گذاري ويو. سندس پينشن جا پنجونجاھ ھزار ھر مھيني ماسي ناٿي نانگڻ کي ملندا ھئا. سندس 16 ايڪڙ ٻني ھئي، ان جا پئسا به ماسي ناٿي نانگڻ کي ملندا ھئا. سوچيم انھيءَ ڪم کانپوءِ آئون بک جي باھ مان نڪري سک جو ساھ کڻندس. مون ڏاڙھي لاٿي، وھنجي سھنجي ڌوتل ڪپڙا پاتا، ڏاڍا تيل ڦليل، سينڌ سرما ڪري عطر ھڻي وڃي ماسي ناٿي نانگڻ جو پاسو ورتم. کيس ليکا چوکا ڏئي، ھتان ھتان جون خبرون ٻڌائي نيٺ پنھنجي پيٽ جو سور ٻڌايم. ابا شاديءَ جو ٻڌي ماسي ناٿي نانگڻ صفا ڇتي ٿي پئي. سپاٽو لاھي مون کي اھڙو ڪُٽيائين، جو منھنجو منھن سڄي صفا گندلو ٿي پيو. اھا خبر جو طوطن ماءُ کي پئي، تنھن ڳچيءَ ۾ ھٿ وجھي گھٽو ڏئي ذري گھٽ مون کي ماريو ٿي. چيومانس: چري نه ٿي. مون ماسي ناٿي نانگڻ سان ڀوڳ پئي ڪيو. خير پھرئين ڊرامي ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ مون ٻيو ڊرامو ترتيب ڏنو. ماسات ماڪوڙي جي گھر وڃي روئڻھارڪو ٿي ڳوڙھا ڳاڙي چيم ته بيروزگاري جي ڪري منھنجي گھر جي حالت پنھنجي پياري پاڪستان وانگر سخت مالي بحران ۾ مبتلا آھي. توکي آئون آءِ ايم ايف سمجھي مالي مدد لاءِ آيو آھيان. ھن آءِ ايم ايف وانگر تمام ڳرا شرط رکيا. ھڪ ته پنھنجو پٽ طوطن کيس گھر ناٺي ڪري ڏيندس. ٻيو چيائين ته پنھنجي ڏيڍ ايڪڙ زمين منھنجي حوالي ڪندين. ٽيون پنھنجي گھر جي پلاٽ جو اڳيون اڌ مون کي واڙي ٺاھڻ لاءِ ڏيندين. مون به پنھنجي سرڪار نامدار وانگر سڀ ڳرا شرط اکين تي رکيا. پوءِ ھن ٽوڪن طور ڪانچ جي کيسي مان ھزار جو نوٽ مون کي ڪڍي ڏنو. گھر اچي ھزار جو نوٽ طوطن ماءُ کي ڏيکاريم. نوٽ ڏسي ھوءَ خوشي ۾ ائين ٺري پئي، جھڙو گرمي جي موسم ۾ مٿس وڏ ڦڙو مينھن وٺو ھجي. پوءِ ھن مون کي گھر جي سيڌي سامان تي مشتمل چوھٺ شين جي لسٽ ٺاھي ڏني. ڀاڄين کانسواءِ ٻيو سامان سيٺ صوفن سودائي کان پڇيم. تنھن ان جي قيمت ساڍا اٺ ھزار ٻڌائي. اھو ڇڏي ويس ڀاڄيءَ واري وٽ. پڇيم پٽاٽا گھڻي ڪلو ٿا ڏيو؟ چيائين 120 روپيا ڪلو. اھو ٻڌي آئون اڌ چريو ٿي ويس. وري پڇيم ٽماٽا؟ چيائين 180 روپيا ڪلو. اھو ٻڌي آئون مُنو چريو ٿي ويس. وري پڇيم گوار؟ چيائين 200 روپيا ڪلو. اھو ٻڌي آئون سڄو چريو ٿي ويس. مٿو ۽ ڇاتي ڪٽيندي آئون واپس گھر آيس. طوطن ماءُ کي چيم شيون ايتريون مھانگيون آھن جو اگھھ پڇي آئون چريو ٿي پيو آھيان. تون ٻئي ڪنھن کان سامان گھراءِ! پوءِ سچي پچي آئون چريو ٿي پيس. نوڙيءَ کي نانگ پيو سمجھان ۽ ٺوڙھي کي ٺڪر پيو سمجھان. نٿو ڪھيري واري ڳالھ ته ٻار ٻچي سان وڙھيو ٽڪي ھڪڙي جو ٿيو ويٺو ھئس. نيٺ منھنجي لڇڻن جو حال طوطن ماءُ وڃي سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي سان ڪيو. تن مون کي چنگچي ۾ لوڊ ڪري وڃي گدوءَ ۾ داخل ڪرايو.

گدوءَ جا ڊاڪٽر به چرين جو علاج ڪري ڪري اڌ چريا ٿي ويا آھن، تن مون کي روز 20 گوريون ننڊ جون صبح، منجھند ۽ رات لاءِ ڏنيون. مون پھرئين ڏينھن ٻه گوريون کاڌيون ته ٻه ڏينھن ستو پيو ھئس. پوءِ روزانو ملندڙ گوريون باٿ روم جي گٽر ۾ اڇلائي ايندو ھئس. ڊاڪٽر رائونڊ تي ايندا ھئا. آئون ڌت ھڻي سمھي رھندو ھئس ۽ اھڙا زوردار کونگھرا ھڻندو ھئس جو منگھن تي ويٺل پاريھر، ڪبوتر ۽ جھرڪيون به اڏامي وينديون ھيون. اسپتال جي اندر ھال ۾ مون کي مُنجھ ٿيندي ھئي. دريءَ کان ٻاھر نڪري بالڪني ۾ ويھندو ھئس. ھڪ دفعي ھڪ ھمراھ جي گاڏي ٻاھر گٽر جي ڀرسان پنڪچر ٿي پئي. تنھن ٽائر جا نٽ کوليا ته اھي وڃي گٽر ۾ ڪريا. ھمراھ پريشان ٿي ويو. صلاح ڏني مانس ته ٻين ٽن ٽائرن مان ھڪ ھڪ نٽ ڪڍي اھو اسپيئر ٽائر لڳاءِ، پوءِ وڃي گاڏي کاتي مان چار نوان نٽ وٺ. ھمراھ ائين ڪيو. سندس مسئلو حل ٿي ويو. چيائين: تون ته ڏاھو آھين. توکي ڇو گدوءَ ۾ داخل ڪيو اٿن؟ چيم: مھانگائي مون کي چريو ڪيو آھي. چيائين: آئون ڊي سي صاحب جو ڊرائيور آهيان. سڀاڻي کيس وٺي اچي توکي آزاد ڪرائيندس. ابا ٻئي ڏينھن ڊي سي صاحب اچي ڊاڪٽرن سان مليو. تعارف ڪرايائين ته آئون ڊي سي آھيان. ڊاڪٽر چيو معنيٰ ته توھان ڊرائي ڪلينر آھيو. سيارو اچي پيو. اسان جا ڪوٽ، ڪوٽيون ۽ ڪمبل ته ڊرائي ڪلين ڪري ڏيو. ڊي سي صاحب ڪاوڙجي پيو. چيائين: آئون ڊپٽي ڪمشنر آھيان. ڊاڪٽرن چيس ته هتي اچڻ وقت هر ڪو ائين ئي چوندو آهي. ڪو چوندو آهي ته صدر آهيان، ڪو چوندو آهي ته وزير اعظم آهيان ته ڪو وري پاڻ کي پالڻهار پيو ڄاڻائيندو آهي. اهو ٻڌي ڊي سي کي ڪاوڙ آئي. تنهن پنهنجي گن مين کي اشارو ڪيو. ابا پوءِ ته ڊاڪٽر صاحب ڊپ ۾ ٿڙڪڻ لڳا. نيٺ ھن طوطن پيءُ جي گھر ڪئي. پٽيوالن مون کي ڪاھي آڻي ڊي سي صاحب جي حوالي ڪيو. تنھن مھربان مون کي ڀاڙو خرچ ڏئي ڳوٺ روانو ڪيو. آئون وري به ڏاھو ٿي پيس.

اسان جي ڳوٺ جي اترئين پاسي وڏو جھنگ ھو، جنھن ۾ ھرڻ، ڦاڙھا، گڊ ۽ ٻيا جانور رھندا ھئا. تنھن جي مٿان وري ميلن ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ ھئي. خبر پئي ته اتي اچي عرب سڳورن ۽ ٻين وڏن ماڻھن شڪار ڪرڻ لاءِ سرڪار کان پرمٽون وٺي ڪئمپون ھنيون آھن. جنھن تي خاص ڪري تاج جويو صاحب جا ٻه ٽي بيان مون به پڙھيا ھئا. مون کي به مھمان ٿي آيل معصوم پکين ۽ جانورن جي شڪار ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. آئون انھن کي منع ڪرڻ لاءِ ويس ته اتي ڏٺم ته اسان جي ڳوٺ جو چڱو مڙس  گلڻ خان گول باڊي چند ڏوڪڙن عيوض سندن چاپلوسي، خوشامد ۽ خدمت ڪرڻ ۾ رڌل ھو. تنھن مون کان حال احوال پڇيا. چيومانس ته ھنن ظالمن کي شڪار کان منع ڪرڻ لاءِ آيو آھيان. چيائين ته ماٺ ڪري واپس وڃ، نه ته ناظم جوکئي وانگر نڌڻڪو ٿي مارجي ويندي. مون سندس ڳالھ ڪا نه مڃي. پوءِ ھن پنھنجي وانٺن کي سڏي مون تي بڇ ڪئي. ھو منھنجي پٺيان ڪاھي پيا. مون ڀڄي جان بچائي! مون کي پناھ وٺندڙ پرديسي پکين ۽ ڳوڀ جانورن کي ذاتي شوق خاطر مارڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. ايترو ڏک ٿيو، ايترو ڏک ٿيو جو آئون وري به چريو ٿيڻ لڳس. مٿي ڏٺم ته ڪونجن ۽ ٻين پکين جا ولر اڏامندي نظر آيا. شاھ جو ھي بيت منھنجي ذھن تي تري آيو:

ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسئو پکيئڙن، ماڻھان ميٺ گھڻو.