پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم: بابل ڀيو جرئت جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ

0
50
پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم: بابل ڀيو جرئت جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ
پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم: بابل ڀيو جرئت جو مظاهرو ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل مان ويهي به ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، ملڪ خلاف سازشون سٽيندڙ شخص کي جيل ۾ وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي

پي ٽي آءِ سان ڪهڙو ظلم ٿيو آهي؟ پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بني گالا جي محل ۾ نظربند آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ فريال ٽالپر کي عيد رات اسپتال مان جيل منتقل ڪيو ويو هو، ان باوجود اسان نه ٿا چاهيون ته عمران خان جي ڀيڻ يا گهرواري کي جيل اماڻيو وڃي

هٿيارن جي اسمگلنگ ڪيس ۾ بابل ڀيو جي مبينا طور ملوث هئڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته هٿيارن جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائي به سنڌ پوليس ئي ڪئي، ان جو مطلب سنڌ پوليس آزاد ۽ خودمختيار آهي، شفاف جاچ يقيني بڻائڻ لاءِ بابل ڀيو عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو جرئت ڀريو فيصلو ڪيو