لاهور اڪيڊمي ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي جي الزام هيٺ آيل آفيسر معطل

0
48

لاهور اڪيڊمي ۾ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي جي الزام هيٺ آيل آفيسر معطل، وڌيڪ جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي

 اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سنڌ جي ريسڪيو عملي جي مرد ۽ عورت ملازمن جا بيان به ريڪارڊ ڪيا ويا

 ذريعن موجب ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو سنڌ جي ڊي جي ڊاڪٽر عابد جلال الدين ريسڪيو سروس لاهور جي ڊي جي سان ملاقات ڪئي، تربيت دوران فيل ڄاڻائي اڪيڊمي مان نيڪالي ڏنل سنڌ جي 52 ريسڪيو ملازمن بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو

 ذريعن موجب شروعاتي جاچ دوران نائيٽ شفٽ ۾ ڊيوٽي وٺندڙ انچارج آفيسر کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو، ذريعن موجب الزام هيٺ آيل آفيسر نشي ۾ ڌت ٿي سنڌ جي ملازم عورتن سان بدتميزي ڪئي