ڪچي مان ڌاڙيلن ۽ ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي لاءِ قدم کڻون پيا: وڏو وزير

0
37

ايپڪس ڪميٽي سنڌ جي اجلاس ۾ صوبي مان دهشتگردي، ڏوهن ۽ ڪچي مان ڌاڙيلن جي خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو

 وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايڪپس ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار ۽ ٻين شرڪت ڪئي

وڏي وزير مراد علي شاهه اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار صوبي مان هر صورت ۾ دهشتگرديءَ جو خاتمو ۽ امن امان جو قيام چاهي ٿي، هن وقت ڪچي مان ڌاڙيلن ۽ ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيمز جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون

هن چيو ته  سنڌ سرڪار اڳ به صوبي ۾ امن بحال ڪيو هو ۽ هاڻي به امن ڪرائي ڏيکارينداسين، ايپڪس ڪميٽي جو 30 هون اجلاس اسان جي ان عزم جو نتيجو آهي