هالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين ۽ سندس ڀائٽي ۾ ڇڪتاڻ تيز

0
44

هالا (رپورٽر) هالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين ۽ سندس ڀائٽي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي

جت ناڪي واري علائقي ۾ زمين جي معاملي تان ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي

فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، پوليس هڪ ڌر جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

گرفتار ٿيل ۾ گل شير، امان الله، محمد بخش ۽  امير بخش شامل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي

جڏهن ته هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر ۽ سندس والد سميت 16 ڄڻن خلاف  ڦر جو ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار

پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم محسن جي سئوٽ  اڳوڻي ميونسپل چيئرمين مخدوم عمار حيدر ڪيس داخل ڪرايو

ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم محسن،  سندس والد مخدوم فضل سميت10  سڃاتل ۽ 6 اڻڄاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا، ھالا پوليس مخدوم فضل جي مئنيجر  سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

فريادي مخدوم عمار موجب مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن ساٿين  سميت منهنجي زمين تان ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي

فريادي موجب اسان جي پهچڻ تي هٿياربندن فائرنگ  ڪري ڏني، 25 مڻ ڪڻڪ ڦر ڪرڻ بعد  موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون