سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري پارٽي ۽ سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته هو 9 مئي جي واقعي جي غير مشروط مذمت ڪريان ٿو ۽ هن وقت سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان
Ref. My earlier statement where I unequivocally condemned 9th May incidents, I have decided to take a break from politics, therefore, I have resigned from party position and parting ways from Imran Khan
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) May 24, 2023
هن چيو ته پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا
واضح رهي ته تازو ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو هو ته هو پي ٽي آءِ کي ترجمان سمجهان ٿو
9 مئي جو واقعو انتهائي شرمناڪ هو، جيڪڏهن پاڪ فوج آهي ته پوءِ پاڪستان آهي ۽ اسان کي ان نقطي کي سامهون رکي پاليسيون ٺاهڻ گهرجن
ان کانپوءِ فواد جي گهرواري حبا چوڌري پي ٽي آءِ چيئرمين کي شڪايت ڪندي چيو ته عمران خان، توهان فواد چوڌري، مليڪه بخاري، جمشيد چيما ۽ مسرت چيما جا نالا لکڻ وسري ويا هئا؟