ڏکڻ وزيرستان ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 2 فوجي جوان ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد

0
384
ڏکڻ وزيرستان ۾ آپگهاتي ڌماڪو
ڏکڻ وزيرستان ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 2 فوجي جوان ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد

ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪار ۾ سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 فوجي جوان ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو ۽ گاڏي ۾ سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ٻن سپاهين ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

شهيدن ۾ نائيڪ سيد الله شاهه، سپاهي جواد خان، پوليس ڪانسٽيبل حڪيم جان ۽ هڪ شهري شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي بمبار هڪ وڏي عوامي ميڙ کي نشانو بڻائڻ چاهي پيو

سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي سان وڏو حادثو ٽري ويو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي اهلڪارن آپگهاتي بمبار جي شڪي گاڏي کي روڪيو ۽ جانين جو نذرانو ڏئي ڪيترن ئي معصوم جانين کي بچايو

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن